قمبر ۾ برطرف ملازم جو بحالي لاءِ احتجاج

قمبر(ڊ ر) قمبر ۾ٻئي ڏينهن به قمبر ڊويزن سيپڪو ۾ ناجائز ٿيل برطرف ملازم جي بحالي لاءِ احتجاج ڪيو ويو انهي موقعي تي ڊويزنل چيئرمين وزير علي چانڍيو سيڪريٽري محمد اعظم چانڍيو وائيس چيئرمين محمد ايوب بروهي جوائنٽ سيڪريٽري گداحسين جمالي چيو ته اسان جا برطرف ٿيل ملازم جيستائين بحال نه ڪيا ويا ته اسان تستائين تحريڪ هلائينداسين هنن گهر ڪئي آل پاڪستان واپڊا هائڊرو اليڪٽرڪ ورڪرزCBA يونين سيپڪو ڊويزن قمبر جي ورڪرن سان انصاف ڪيو وڃي.

ملير ۾محرم الحرام جي حوالي سان اهم اجلاس

ملير (ڊ.ر) محرم الحرام جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر ملير گهنور علي لغاري جي صدارت ۾ اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ پوليس آفيسرن، ايڊمنسٽريٽر ڊي ايم سي ملير، ضلع ڪائونسل ڪراچي، سولڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ ملير، واٽر اينڊ سيوريج بورڊ، پبلڪ هيلٿ انجينئرنگ ڊپارٽمنٽ، ڪي اليڪٽرڪ جي آفيسرن سميت عالمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ملير گهنور عليلغاري کي آفيسرن محرم الحرام جي حوالي سان سيڪيورٽي ۽ ايس او پيز جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني، اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ملير گهنور علي لغاري خطاب ڪندي چيو ته محرم الحرام جي سلسلي ۾ ايس او پيز، سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن جي حوالي سان پوليس ۽ مذهبي عالمن سان گڏيل اجلاس ڪيو آهي، جنهن ۾ علماءَ ڪرام سان ملاقاتون ڪرڻ ۽ انهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنرن جي سربراهي ۾ سب ڊويزن سطح تي ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن، هن چيو ته لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنر پنهنجي علائقن جي انجينئرن، پوليس ۽ علائقي جي اهلتشيح جي نمائندن سان علائقن جو گڏيل طور تي دورو ڪندا ۽ مسئلن کي حل ڪندا،اسان جي ڪوشش آهي ته محرم الحرام جي موقعي تي عوام کي ڏکيائن کان بچائي سگهجي.

گهوٽڪي ميونسپل ملازمن کي پگهار نه ملڻ وارو مامرو، ڊي سي نوٽيس ورتو

گهوٽڪي( ڊ ر )  ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ ميونسيپل ڪاميٽي گهوٽڪي جي ملازمن کي پگهارون نه ملڻ واري مامري جو نوٽيس وٺندي سي ايم او کي هدايت ڪئي آهي ته ملازمن جي مسئلي کي قانون موجب حل ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ سي ايم او جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل ملازمن جي مقرري جو معاملو ڪمشنر سکر ڊويزن وٽ جاچ هيٺ آهي ان باوجود سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي ملازمن جو مسئلو حل ڪرڻ جي حوالي سان سفارش ڪئي وئي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.