نواز شريف کي قيد ۾ به قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي: مريم نواز

 

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف کي قيد دوران به قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي هئي.

آزاد ڪشمير ۾ چونڊ مهم جي جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته آزاد ڪشمير جي پُٽ نواز شريف جا سلام کڻي آئي آهيان، منهنجي رڳن ۾ ڪشميري رت آهي، اهي ماڻهو نواز شريف کان ڊڄي رهيا آهن، عمران خان جو ته صبح ۽ شام نواز شريف جي نالي سان ٿيندي آهي.

هن چيو ته نواز شريف خلاف مختلف قسمن جون سازشون ڪيون ويون، نواز شريف کي قيد دوران به قتل ڪرڻ جون سازشون ڪيون ويون، نواز شريف جي ٺاهيل منصوبن کي گروي ڪرڻ جون سازشون هلي رهيون آهن، ڪشمير جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نواز شريف جو نالو کڻڻ وارا موجود آهن، والاريل ڪشمير جو ڪيس هارائڻ کانپوءِ هاڻي انهن جون نظرون آزاد ڪشمير تي آهن، ڪشمير کي ڀارت جي جهولي ۾ وجهڻ جي سازش آمريڪا ۾ ڪئي وئي.

مريم نواز چيو ته نواز شريف کي مبارڪ ڏيان ٿي ته ان جو نعرو ”ووٽ کي عزت ڏيو“ هر جاءِ تي پهچي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۾ به ووٽ کي عزت ڏيو جا نعرا گونجي رهيا آهن، ايندڙ چونڊن ۾ ناڪامي ڏسي انهن کي چونڊن ۾ ترميمون ياد اچي ويون، چونڊ سڌارا رڳو عوام جي ئي طاقت هوندا آهن، اليڪشن ريفارمز ڪا به آر ٽي ايس يا ڪا مشين ناهي هوندي.

هن وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته عمران خان! حساب ڪتاب وارو ڏينهن ويجهو آهي، هاڻي عوام توهان کان حساب وٺندو، جيڪڏهن اليڪشن چورائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته منهن ڏيکارڻ جي لائق به نه رهندئو.

سندس چوڻ هو ته ملڪ جا راز رڳو قوم کي خبر ناهي هوندي باقي سڀني کي خبر هوندي آهي، اڄ پڙهيو آهي ته عوام تي وري پيٽرول بم ڪيرائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جڏهن تيل جا اگهه وڌندا آهن ته هر شئي جا اگهه پاڻمرادو وڌي ويندا آهن، تيل اگهن ۾ واڌ سان عمران خان کي ڪو به فرق ناهي پوندو، ڇو ته عمران خان سائيڪل تي آفيس ويندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.