اوٻاوڙو پوليس پورهيت گم ڪري ڇڏيو، امڙجون دانهون

اوٻاوڙو ( ن ع آ )  اوٻاوڙو پوليس خلاف ڪمون شھيد جي ڳوٺ صالح چاچڙ جي رھواسڻ پيرسن  مائي مھرياڻي چاچڙ پوليس جي ڏاڍ خلاف  صحافين کي دردن جو داستان ٻڌائيندي لڙڪ روڪي نه سگھي، ان موقعي پيرسن عورت روئيندي ٻڌايو ته اوٻاوڙو پوليس منھنجي پٽ ﷲ ڏتو چاچڙ کي ڳوٺ جي بااثر ماڻھن جي وانگار وھندي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي مون کي خدشو آھي ته پوليس بااثرن کان ڳري رشوت وٺي منھنجي ٻچڙي کي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ماري ڇڏيندي مان مسڪين آھيان منھنجو پٽ ڪمائي گھر جو گذرسفر ھلائيندو ھو منھنجي فرياد ٻڌڻ وارو ڪو به نه آھي مان ايس ايس پي گھوٽڪي عمر طفيل ۽ اعلي حڪام کان اپيل ٿي ڪريان ته اوٻاوڙو پوليس ۽ بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري مون سان انصاف ڪري منھنجي ٻچڙي کي پوليس کان آزاد ڪرائي ان جي زنگي بچائي وڃي ۽ تحفظ فرھم ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.