ميرپورخاص لڳ جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مرڻينگ

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي جرواري شاخ تي اسٽاٽري ۽ بس جي اڏي تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو فائرنگ، لٺن ڪهاڙين ۽ لٺن جو  وسڪارو، گوليون لڳڻ سبب هڪ مرڻينگ، فائرنگ سبب ماڻهن ۾  ڀاڄ، خوف و حراس، زخمي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر، ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.ڪابه ڌر ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ نه پهتي آهي زخمي ڌر زخمي کي حيدرآباد کڻائي ويا آهن متاثر ڌر جي اچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو. ايس ايڇ او. تفصيل موجب ميرپورخاص لڳ جرواري چوڪ تي بس اڏي ۽ اسٽاٽري جي معاملي تان پيدا ٿيل ٻن ڌرين تڪرار ڇڪتاڻ ۾ تبديل ٿي ويو آهي اڏي جي معاملي تا گذريل ڏينهن ٻنهي ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن دوران ٻنهي ڌرين جي پاران ميرپورخاص مٺي، ميرپورخاص عمرڪوٽ جي مک چوڪ تي هڪ ٻي مٿان فائرنگ ڪري لتن مڪن ٺوشن ڪهاڙين جو وسڪارو لاهي ڏنو جھيڙي دوران گوليون ۽ ڪهاڙين جا پاها لڳڻ ڪري معشوق چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي علاج لاءِ سول اسپتال ميرپورخاص پهچايو ويو جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال ميرپورخاص کان  حيدرآباد نيو ويو.  اسٽاٽري جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ ڏينهن ڏٺي جو وچ چوڪ  تي هٿياربندن پاران هڪ ٻي تي فائرنگ ۽ حملو ڪرڻ سبب علائقي جي رهواسين توڙي دڪاندارن  خوف حراس ڦهلجي ويو ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.