ٽنڊي محمد خان ۾ پيءُ جي اغوا خلاف احتجاج ڪندڙ ڌيءُ به اغوا، احتجاج

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ:حيدر شورو) ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ سيري زئور جي رهواسڻ رضيه زئور ، آمنه زئور ، عبدالله زئور پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان اڳيان احتجاج ڪندي دانهيو ته مهينو اڳ عنايت زئور کي  نامعلوم هٿياربند اغوا ڪري کڻي ويا هئا ، جيڪو اڃان تائين بازياب نه ٿيو آهي پر گذريل ڏينهن عنايت زئور جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندڙ سندس شادي شده ڌيءُ صفيه زئور کي هٿياربند فائرنگ ڪري گهر ۾ داخل ٿي اغوا ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن ، جنهن جو 2 ڏينهن گذرڻ باوجود اڃان تائين ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي ، بار بار پوليس کي اطلاع ڪرڻ باوجود پوليس اسان جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن سبب عنايت زئور ۽ سندس ڌيءُ صفيه زئور جي حياتين کي خطرو ٿي پيو آهي  ۽ اسان کي خدشو آهي ته اغوا ڪندڙ عنايت زئور ۽ صفيه زئور کي ڪٿي ماري قتل نه ڪري ڇڏين ، هنن چيو ته اسان ٿاڻي تي وڃون ٿا ته ايس ايڇ او جي نه هجڻ جو چئي موٽائي ڇڏين ٿا ۽ اڄ جڏهن اسان ٿاڻي تي وياسين ته اهو چيائون ته اسان سر زمين تي اچي جانچ ڪري پوءِ ايف آءِ آر داخل ڪنداسين ، هنن اعلى عملدارن کي اپيل ڪئي ته اغوا ٿيل صفيه زئور ۽ سندس پيءُ عنايت زئور کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.