خانپور مهر ۾ هيلٿ ڪيئر ڪميشن سکر جي ٽيم پهتي

خانپورمهر ( ن ع آ ) ھيلٿ ڪيئر ڪميشن سکر جي ٽيم ميڊيڪل ايڪسپرٽ محمد علي شاھ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عبدالمنان ابڙو جي اگواڻي ۾   خانپورمهر شهر ۾ پھچي ڪارروايون ڪيون، ٽيم جو ٻڌندي ئي خانپورمهر، شاھپور مھر ۽ لنڊ بازار جا عطائي ڊاڪٽر ڪلينڪون بند ڪري فرار ٿي ويا، ھيلٿ ڪيئرڪميشن جي ٽيم پاران شهر جي مختلف هنڌن تي قائم غير رجسٽرڊ 2  ليبارٽريون ۽ 2 ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون جڏھن ته ٽيم مختلف اسپتالن ۾ وڃي صفائي سٿرائي جو جائزو ورتو ۽ اسپتالن ۾ صفائي نه ھجڻ تي  ڊاڪٽرن کي وارننگ ڏني وئي، ٽيم جي اڳواڻي ڪندڙ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عبدالمنان ابڙو ميڊيا کي ٻڌايو ته انساني جانين سان کيڏندڙ عطائين خلاف ڪارروايون جاري آھن، ھن ٻڌايو ته خانپورمهر م 2 ليبارٽريون 2 ڪلينڪون سيل ڪيون آھن جڏھن ته شاھپورمهر ۽ لنڊ بازار ۾ به ڪارروايون ڪيون وينديون قانون کي ڀڃڪڙي ڪندڙن مٿان ڪيس پڻ داخل ڪرايا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.