توهان جا ٻچا ناهن ڇا؟ چيف جسٽس جي ايس ايس پي کي ڇنڊ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ اسلام ڪوٽ ۾ ٿر ڪول ۾ سڪيورٽي گارڊن جي تشدد ۾ نوجوان پورهيت دودو ڀيل قتل ٿيڻ واري واقعي بابت نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران عدالت ۾  ڊي آءِ جي حيدرآباد شرجيل کرل، ڊي آءِ جي ميرپورخاص ذوالفقار مهر ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر حسن سردار نيازي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي . پوليس جاچ ٽيم جي سربراهه ڊي آءِ جي حيدرآباد شرجيل کرل رپورٽ رجسٽرار آفيس ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. جڏهن ته  متاثر ڌر پڻ چيف جسٽس آڏو پيش ٿي واقعي جا تفصيل پيش ڪيا،  چيف جسٽس واقعي جي جاچ لاءِ مقرر سراج لاشاري کي جاچ جاري رکڻ جي هدايت ڪئي، لجپت سوراڻي ۽ مقتول دودو ڀيل جو ڀاءُ پڻ پيش ٿيا. ان موقعي تي چيف جسٽس ايس ايس پي ٿرپارڪر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ڪنهن جي ونگار پيا وهو، توهان جا ٻچا ناهن ڇا؟

وفاقي حڪومت بيانن تائين محدود، دودي ڀيل جي وارثن جي ڪابه سهائتا نه ٿي

مٺي:وفاقي حڪومت رُڳو بيان بازي تائين محدود ٿي ويئي،دودي جي قتل واري واقعي جو وفاقي سرڪار پاران نوٽيس وٺڻ باوجود دودي جي وارثن جي ڪابه مدد ناهي ڪئي ويئي،سنڌ حڪومت پاران دودي جي وارثن کي هڪ ڪروڙ ۽ زخمين کي 50-50 لک ڏيڻ واري اعلان  باوجود وفاق اهڙي ڪا به زحمت ناهي ڪئي،

دودو ڀيل قتل ڪيس جي مک جوابدار تي ٽيون ڪيس به داخل

اسلام ڪوٽ (ت ر ) ٿر ڪول بلاڪ ٽو جي سيڪيورٽي انچارج ڪمانڊر ڪاشف رضا،قمر رضا ۽ محبوب گشڪوري تي پورهيت صديق راهمون جي فرياد تي ٽيون ڪيس جھانگرو ٿاڻي تي نئين ايف آءَ آر تحت داخل ڪيو ويو آهي،فريادي پاران جوابدارن تي ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي،حراست ۾ ورتل جوابدارن کي اڄ مٺي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو،جنهن بعد ضمانت رد ٿيڻ جا واضع امڪان آهن.

ٿر ڪول بلاڪ ون ۾سيفٽي انتظام اڻلڀ، وڌيڪ هڪ پورهيت فوت

مٺي(رپورٽ: غازي بجير )ٿرڪول بلاڪ ون ۾ شهنگائي ۽ سائينو سنڌ ڪمپنين جي ماتحت  ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين سيفٽي انتظامن کي مڪمل طور  نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي،جنهن سبب بلاڪ اندر ڪم ڪندڙ پورهيتن توڙي ملازمن جي فوت ٿيڻ جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن،گذريل ڏينهن وڌيڪ هڪ نوجوان ڪم دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو،اُنهي سلسلي ۾ بلاڪ ون جي چائنا ڪمپني CNNC ۾ ڪم ڪندڙ ڪنڌ ڪوٽ واسي عبدالرشيد سولنگي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو،جنهن جو لاش اسلام ڪوٽ اسپتال بعد ڳوٺ موڪليو ويو،جڏهن ته ڄاڻايل بلاڪ ۾ سيفٽي جا ڪي به بهتر انتظام نه هجڻ ڪري حادثن سميت مختلف واقعن ۾ نوجوان پورهيتن جي فوت ٿيڻ جو انگ وڌي رهيو آهي،گڏڪيل معلومات موجب ته هڪ هلندڙ مهيني جي ٻن هفتن اندر هڪ چائينيز سميت ٽي نوجوان فوت ٿي چُڪا آهن،هڪ چائينيز ۽ هڪ بهاولپور واسي پاور پلانٽ تان ڪري فوت ٿيا ۽ هي نوجوان ڪرنٽ لڳڻ سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو،پنج مهينن اندر ست نوجوان حياتيون وڃائي چُڪا آهن،پر اُنهيءَ باوجود ڄاڻايل بلاڪ اندر سيفٽي سميت علاج جون ڪي به سهولتون موجود نه هجڻ ڪري ڪم ڪندڙ پورهيتن جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن،تازو توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ پاران ڄاڻايل بلاڪ تي سهولتون نه هجڻ جي شڪايتن تي ڪمپنين کي انتظام بهتر ڪرڻ لاءِ هفتي جي مهلت ڏيندي وارننگ جاري ڪئي هئي پر صوبائي وزير جي هدايتن کي به ڪمپنين ٿُڏي ڇڏيو آهي، ٻئي پاسي ڪم ڪندڙ پورهيت ملازمن سهولتون نه هجڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري  سخت احتجاج ڪيو، وڏي انگ ۾ پورهيتن  احتجاج ڪندي ڪمپنين خلاف سخت نعريبازي ڪئي چيو ته هتي سيفٽي،کاڌي پيتي،رهائش ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي ڪا به سهوليت ناهي،ملازم مختلف حادثن ۾ فوت ٿي رهيا آهن پر سيفٽي ناهي،زندگيون خطري ۾ آهن،

دودو ڀيل ڪيس جي مک جوابدار جي گرفتاري ظاهر

مٺي (بيورو رپورٽ ) دودو ڀيل ڪيس ۾ پوليس مُک جوابدار ڪمانڊر ڪاشف ۽ گارڊ قمر دين جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي،پوليس موجب دودو ڀيل ڪيس ۾ ڪمانڊر ڪاشف ۽ قمر دين کي گرفتار ڪيو آهي،جنهن کي اڄ مٺي جي عدالت ۾ پيش ڪري وڌيڪ رمانڊ ورتو ويندو،جانچ جاري آهي.

پورهيت غلام قادر کوکر کي زخمي ڪندڙ 3 جوابدار گرفتار، نامعلوم هنڌ منتقل

مٺي:عدالتي ڪارروائي جو خوف،پوليس جون وايون بتال ٿي ويون،دودي ڪيس سميت تشدد جو شڪار ٿيل پورهيت غلام قادر کوکر واري ڪيس ۾ نامزد ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري اڻ ڄاتل هنڌ رکي ڇڏيو،جن جي گرفتاري ۽ نالا ظاهر ناهن ڪيا ويا،ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته پوليس سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ورتل نوٽيس بعد امڪاني ڪارروائي جي خوف سبب گرفتاريون ڪري بعد ۾ معاملو لئه مٽي ڪري ڇڏيو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.