سيوهڻ ۾نوجوان جو قتل، ايس ايڇ او پاران ضمانت جي درخواست

سيوھڻ(ن ع آ ) پوليس تشدد ۾ نوجوان راشد لاشاري جي فوت ٿيڻ وارو واقعي جو قتل سيشن ڪورٽ  ڄامشورو  مان ايڊيشنل سيشن ڪورٽ  سيوھڻ منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ڪيس جي ٻڌڻي سيوھڻ جي ڄاڻايل عدالت ۾ ٿي گذري. ان موقعي تي نوجوان جي قتل ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي ايس ايڇ او سيوھڻ ذوالفقار اوڍاڻي جي وڪيل پاران ذوالفقار اوڍاڻي جي ضمانت لاء  درخواست عدالت آڏو پيش ڪئي جڏهن ته سيوھڻ مقتول راشد لاشاري جي وارثن ڊي ايس وي سيوھڻ عبدالواحد کوسو سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي معطل ۽ گرفتار ٿيل اڳوڻي ايس ايڇ او ذوالفقار اوڍاڻو پاران جمع ڪرايل ضمانت واري درخواست تي اعتراض نه وارڻ بابت جج آڏو بيان ڏئي ڇڏيو بعد ۾ عدالت 14 جولائي تائين فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.