مريم جلد ڪشمير مان فرار ٿيندي، شهباز شريف پاڻ تي لڳل الزامن جا جواب ڏئي:وفاقي سرڪار

اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته بلاول ڀُٽو زرداري ڪشمير جي چونڊ مهم ڇڏي فرار ٿي چڪو آهي، تمام جلد مريم نواز به ڪشمير ۾  چونڊ مهم کان فرار ٿيڻ جو دڳ وٺندي. وفاقي وزير حماد اظهر ۽ احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته شهباز شريف کي پاڻ تي لڳل الزامن جا جواب ايف آءِ کي ڏيڻا آهن، اسان کي اميد هئي ته شهباز شريف ايف آءِ اي ۾ طلبي واري ڪيس ۾ بابت ڪا روشني وجهندو، جڏهن به کانئس پڇيو وڃي ٿو ته توهان جي اڪائونٽن ۾ هيترا پئسا نڪتا آهن ته جواب ڏئي ٿو مان ميٽرو ٺاهي آهي. شهباز شريف کي پنهنجي مٿان لڳل الزامن جو جواب ميڊيا ۽ ايف آءِ اي کي ڏيڻ گهرجي پر شهباز شريف جواب ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهي. هن چيو ته ڪشمير ۾ چونڊ مهم هلي رهي آهي، تحريڪ انصاف جي پوزيشن واضح آهي، ٻي ڪا به پارٽي سڀني تڪن تي پنهنجا اميدوار به نه بيهاري سگهندي، ن ليگ ته ڪشمير ۾ ڌانڌلين جو رينگٽ هاڻي کان ئي شروع ڪري ڇڏيو آهي، مريم بي بي اليڪشن مهم ته هلائي رهي آهي پر وٽس ڪا به سياسي پاليسي ناهي، پ پ ۽ ن ليگ جي هڪ شئي هڪجهڙي آهي، انهن پئسو ٻاهر موڪليو، عمران خان جو ڪرپشن وارو بيان ان جي ڪري خاص آهي ته اربين رپيا چوري ڪري ٻاهر موڪليا ويا. فواد چوڌري اهو به چيو ته نيب هن وقت تائين 427 ارب رپيا ريڪور ڪري چڪو آهي، پاڪستان جي چيف جسٽس کي درخواست ڪيون ٿا ته هاءِ پروفائيل ڪيسن جون ٻڌڻيون لائيو نشر ڪيون وڃن.  توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشينڊگ پيداوار ۾ گهٽتائي جي ڪري نه پر فراهمي واري نظام جي ڪمزوري جي ڪري ٿي رهي آهي. فواد چوڌري ۽ شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي حماد اظهر چيو شهباز شريف ٻڌائي ته جيڪڏهن ان سستا سودا ڪيا هيا ته پوءِ 1200 ارب رپين جا گردشي قرض ڇو وڌي ويا؟ ڪيترن ئي ڏينهن تائين اسان ساڍا 24 هزار ميگا واٽ بجلي جي پهچ ڪاميابي سان ڪئي، پاڪستان ۾ بجلي جي کپت 16 هزار ميگا واٽ آهي. حماد اظهر مخالف ڌر اڳواڻ کان ٻيهر سوال ڪيو ته شهباز شريف اهو ٻڌائي ته 10 مهينن جو جيڪو بجلي گهر جو ڪرايو ادا پيو ٿئي اهو ڪير ڀريندو؟ اهي ملڪ ۾ ڇا ٺاهي ويا؟ امپورٽيڊ فيول سان هلندڙ بجلي جا گهر؟ جيڪڏهن توهان سودا سستا ڪيا هيا ته گردشي قرض 1200 ارب رپين تائين ڪيئن وڌيا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.