اهم شخصيتن کان اضافي سيڪيورٽي واپس، اي اين پي پاران سخت احتجاج

اسلام آباد (م ڊ ) وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي وفاقي وزيرن ۽ ٻين اهم شخصيتن کان اضافي سيڪيورٽي واپس وٺڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته اي اينپي سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته خطرا وڌيڪ وڌڻ باوجود اي اين پي اڳواڻن کان سڪيورٽي واپس ورتي پئي وڃي. وزيراعظم جي هدايت تي ڪابينا ڊويزن ۽ اسلام آباد پوليس ڪيترن ئي وفاقي وزيرن کان اضافي سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ جي اسلام آباد قاضي جميل الرحمان جي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات کان پوءِ اضافي سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي،  ذريعن ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته جن وفاقي وزيرن کان اضافي سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي انهن ۾ شيرين مزاري ۽ پرويز خٽڪ به شامل آهن،ذريعن موجب وفاقي وزيرن جي سيڪيورٽي تي مقرر 5 اهلڪارن مان 3 کي واپس گهرايو ويو آهي،سينيٽ چيئرمين کي ڏنل نفري  برقرار رهندي،جڏهن ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي ڏنل اضافي نفري ۾ به گهٽائي وئي آهي، ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ پروٽوڪول گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. هوڏانهن عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻن جي سڪيورٽي واپس وٺڻ تي پارٽي سربراهه اسفند يار ولي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته خطرا وڌيڪ وڌڻ باوجود اي اين پي اڳواڻن کان سڪيورٽي واپس ورتي پئي وڃي، هن چيو ته اي اين پي جو هر اڳواڻ نشانو بڻجي چڪو آهي،نااهل حڪمران انتقام ۾ انڌا ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪي پي ڪي سرڪار چيو آهي ته جيڪا اهم شخصيت متاثر ٿي ۽ ان جي زندگي کي خطرو آهي ته هو گهرو وزارت سان رابطوڪري سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.