خيرپور ۾ 30جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري

خيرپور ( س  ر ) خيرپور جي عدالت طرفان مسلسل غير حاضر رهندڙن خلاف ڪاروائي تيز، پوليس عملدارن سميت ٽيهن کان  وڌيڪ جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري، کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرائڻ جو حڪم. تفصيل مطابق خيرپور جي فرسٽ اسسٽنٽ سيشن جج سونيه اعواڻ جي عدالت مختلف ڪيسن ۾ مسلسل غيرحاضر رهندڙ سب انسپيڪٽر عبدالستار مهر، سب انسپيڪٽر لونگ خان ٻٻر، اي ايس آءِ مير محمد سهتو ۽ سپاهين سليم سينگار، نثار مڱڻيجو، شڪيل احمد، محمد مٺل راڄپر، غلام مصطفيٰ گهلو، ذوالفقار علي مهر، مجاهد حسين شاهه، شڪيل احمد، عبدالله کورکاڻي، محمد اسحاق، محمد عالم، محمد امين ۽ رياض حسين ۽ بڙدي برادري جي جوابدارن علي پٽ نورل بڙدي، تاجو عرف تاج محمد بڙدي، طارق بڙدي، غلام سرور ناريجو ۽ بلاول ناريجو سميت ٽيهن کان وڌيڪ جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي خيرپور پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.