شهباز شريف جو ايف آءِ اي تي هراسان ڪرڻ جو الزام

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم جي هراسان ڪرڻ جو الزام هڻي ڇڏيو.

سيشن عدالت ۾ شگر بزنس ذريعي مني لانڊرنگ ڪرڻ بابت ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جتي شهباز شريف ۽ حمزا شهباز پيش ٿيا.

عدالت شگر انڪوائري ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي عبوري ضمانت جي درخواست ۾ 2 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي.

ايف آءِ اي جاچ آفيسر بيان ڏنو ته شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي جاچ مڪمل ناهي، کين جاچ ٻيهر جوائن نه ڪرڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو هو.

وڪيل چيو ته شهباز شريف ۽ حمزا شهباز نيب ڪيسن ۾ پيش ٿي رهيا آهن، تنهن ڪري ٻيهر جاچ ۾ پيش نه ٿيندا.

شهباز شريف ايف آءِ اي جاچ ٽيم تي هراسان ڪرڻ جو الزام هڻندي چيو ته شگر ملز ۾ پنهنجي فيملي جي اربين رپين جو نقصان ڪيو، مان بيواهن ۽ پنجاب جي غريب عوام جي خدمت ڪئي، مان پنهنجي فيملي جي فردن جي مخالفت ڪئي ۽ عوام کي سستي کنڊ ڏني.

هن چيو ته منهنجي خلاف نيب جي ڪيسن کانپوءِ هاڻ ايف آءِ اي کي به اهي ئي ڪيس ڏنا ويا آهن، مون تي الزام هنيو ويندو آهي ته منصوبن ۾ ڪميشن کاڌم، ايف آءِ اي کي جواب ڏئي چڪو آهيان، منهنجي سان ايف آءِ اي ۾ بدتميزي ٿي، ايف آءِ اي جي ماڻهن مون سان بيهوده گفتگو ڪئي، مان برداشت نه ٿيو ته چيم توهان ائين ڇو ڪري رهيا آهيو؟ جنهن تي ايف آءِ اي آفيسرن کلندي مون تي ٽوڪَ ڪئي.

عدالت ايف آءِ اي جي ٽيم کي شهباز شريف ۽ حمزا شهباز کي هراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.