دودي ڀيل جي قتل خلاف احتجاج دوران گرفتار ڪيل لجپت سوراڻي سميت 9 ڄڻا آزاد، شاندار آجيان ، گلن جي ورکا

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ ڪجھه ڏينهن اڳ سڪيورٽي گارڊن هٿان تشدد بعد فوت ٿيل دودي ڀيل جي خون ٿر ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي،دودي ڀيل جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ اسلام ڪوٽ ۾ بي آءِ ايف پاران هنيل ڌرڻي تي پوليس پاران ڪيل لٺبازي،شيلنگ ۽ ڳوڙها آڻيندڙ  گئس جي استعمال بعد لجپت ڀيل سميت 150 ڄڻن تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪري 9 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ بعد پوليس ميرپورخاص اي ٽي سي ڪورٽ ۾ شاهديون پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ عدالت پاران تحريڪ انصاف جي اڳواڻ لجپت سوراڻي ۽ ٻين کي آزاد ڪرڻ جي خوشي ۾ بي آءِ ايف پاران لجپت سوراڻي کي ميرپورخاص کان هزارين ماڻهن جي قافلي سان گڏ اسلام ڪوٽ کان مقتول دودي ڀيل جي ڳوٺ ابن جو تڙ آنڌو،اُنهي کان اڳ ۾ قافلو جيئن ميرپورخاص کان نڪتو ته قافلي جو ٽنڊوجان محمد،ڊگهڙي،جهڏو،روشن آباد،نئوڪوٽ ۽ مٺي ۾ شاندار استقبال ڪيو ويو،قافلي ۾ شامل هزارين ماڻهو روڪاوٽون ٽوڙي لجپت کي چنڀڙي ويا ۽ ڀاڪرن ۾ ڀري گلن جا هار پارايا ويا،قافلو جيئن مٺي ويجهو ڦانگهاريو موڙ وٽ پهتو ته هزارين ماڻهن آجيان ڪئي،جتان بعد ۾ قافلو اسلام ڪوٽ ڀرسان ميمڻ موڙ پهتو،جتي به بيٺل ماڻهن قافلي جي آجيان ڪئي،اُتان قافلو جيئن ئي روانو ٿيو ته قافلي جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون،قافلو اسلام ڪوٽ شهر اندر داخل ٿيو ته شهر مڪمل طور ماڻهن ۽ گاڏين سان سٿجي ويو،عوامي سمنڊ ڇوليون هڻندي نظر آيو،قافلي جي لجپت راءِ سوراڻي،گومون ڀيل ۽ اُنهي جي وڪيلن ڀڳوانداس ڀيل اڳواڻي ڪئي،اسلام ڪوٽ مان نڪتل هزارين ماڻهن جو قافلو مقتول دودي ڀيل جي ڳوٺ ابن جو تڙ پهتو،جتي لجپت راءِ سوراڻي،گومون ڀيل،وڪيل ڀڳوانداس ۽ ٻين دودي ڀيل جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دودي ڀيل جي خون سان انصاف تائين جدوجهد کي جاري رکڻ جو اعلان پُڻ ڪيو،هوڏانهن لجپت راءِ سوراڻي سميت 9 ڄڻن جي آزادي بعد مٺي پهتل هزارين ماڻھن جو هجوم جلسي ۾ تبديل ٿي ويو،ڦانگهاريو چيڪ پوسٽ مٺي کان هزارين گاڏين جي قافلن سان ريلي جي صورت ۾ ڪشمير چوڪ کان ٿي هاءِ اسڪول گرائونڊ مٺي ۾ ريلي جلسي ۾ تبديل ٿي وئي،جتي اڳواڻن خطاب ڪيو،وڪيل لجپت سوراڻي خطاب ڪندي چيو ته آئون ٿر جي سمورن ماڻھن کي سرخ سلام پيش ڪيان ٿو جيڪو ظلم جي خلاف هڪ سگهارو آواز بڻجي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو،اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري پنهنجي جدوجهد کان هٽائي نٿا سگهو،اسان انٽرنيشنل پروجيڪٽ ٿر ڪول جا مخالف ناهيون پر ٿرڪول ۾ ڀرتي ٿيل نااهل ماڻھن جا مخالف آھيون جيڪو ٿر واسين کي تشدد جو نشانو بڻائي سرعام قتل ڪري رهيا آهن،پورهيت دودو ڀيل کي بي دردي سان قتل ڪري ان جي خون کي لوڙھڻ جي سازش ڪئي وئي پر ٿر جي غيرت مند ماڻھن ڀرپور جدوجهد ڪري ثابت ڪيو ته هاڻي عوام سجاڳ ٿي چڪو آھي،توهان جي ظلم خلاف هر محاظ تي جنگ جاري رکنداسين،لجپت سوراڻي چيو ته اسان دودو ڀيل جي خون سان انصاف لاءِ پرامن احتجاج ڪري رهيا هئاسين ته ڪاري رات جو پيپلزپارٽي جي آشيرواد سان ايس ايس پي ٿرپارڪر لاٺي چارج ڪئي،شيلنگ ۽ آنسون گئس جو استعمال ڪري ڪيترائي ماڻھون زخمي ڪيا ۽ اسان سميت ڏيڍ سو ماڻھن تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو پر عوامي جدوجهد سبب پوليس مجبور ٿي پنهنجي ڪوڙي ڪيس تا هٿ کنيو،

دودي ڀيل جي وارثن سان انصاف ڪيو ويندو: لال مالهي

مٺي:ٿرڪول بلاڪ ٽو جي خانگي سيڪيورٽي گارڊن هٿان مبينا تشدد بعد قتل ٿيل پورهيت دودي ڀيل جي واقعي تي وفاقي حڪومت پاران جوڙيل انساني حقن بابت پارلياماني ڪاميٽي جا اڳواڻ  مقتول جي تڏي تي پهتا،تعزيت بعد واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا،بعد ۾ اسلام ڪوٽ پريس ڪلب پهچي ميڊيا سان ڳالھه ٻولھه ڪئي،پورهيت دودي ڀيل جي قتل واقعي تي وزير اعظم پاران نوٽيس وٺڻ بعد وفاقي حڪومت پاران جوڙيل انساني حقن بابت وفد جنهن ۾ انساني حقن بابت وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بابت  ايم اين اي لال مالهي جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪاميٽي ۾ پارلياماني سيڪريٽري اقليتي امور شهنيلا رُٿ،مينارٽي ڪميشن جو چئرمين چيلارام ڪيولاڻي،پي ٽي آءِ وومين ونگ جي مرڪزي اڳواڻ ڪنول اعجاز،هيومن رائيٽس جي ايڊووڪيٽ علي پلھه،اڪبر پلي،ڪرشن شرما ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا،،وفد مقتول دودو ڀيل جي  ڳوٺ ابن جو تڙ ۾ پهچي مقتول جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ بعد واقعي متعلق سمورا  تفصيل معلوم ڪيا،اُنهي موقعي تي مقتول جي وارثن وفد آڏو دانهيندي چيو ته اسان جي نوجوان کي خانگي سيڪيورٽي گارڊن بي دردي سان تشدد ڪري قتل ڪيو بعد ۾ انصاف ڪرڻ جي بجاءِ اسان تي پوليس لٺيون وسايون اسان سان  انصاف ڪيو وڃي،وارثن وڌيڪ چيو ته ٿرپارڪر جي ايس ايس پي تي هاڻي اسان جو اعتماد نه رهيو آهي ايس ايس پي کي هثائي هتي ٻيو ايماندار ايس ايس پي مقرر  ڪري واقعي جي جوڊيشنل انڪوائري ڪرائي وڃي،وفد کين يقين ڏياريو ته قتل واقعي جو وزير اعظم عمران خان  نوٽيس ورتو آهي،سندن جي هدايتن تي هي وفد توهان وٽ آيو آهي اسان سموري رپورٽ وزير اعظم کي پيش ڪنداسين،وفاقي حڪومت توهان سان هر موڙ تي گڏ آهي دودي جي خون سان هر حال ۾ انصاف ڪيو ويندو ۽ واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي ويندي،بعد ۾ وفد اسلام ڪوٽ پهتو،جتي پريس ڪلب تي ميڊيا سان ڳالهائيندي لال مالهي چيو ته سڀ کان پهرين وفد صحافين سان پيش آيل واقعي جي مذمت ڪندي يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو هن چيو ته دودي جي وارثن سان ملي سمورا تفصيل ورتا آهن اسان سموري رپورٽ جوڙي وزيراعظم کي پيش ڪنداسين،هن چيو ته ٿرڪول تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون زيادتيون ڪري رهيون آهن،گارڊن هٿان  نوجوانن کي تشدد ڪري ماريو پيو وڃي،دودي جي وارثن سان انتهائي گهڻو ظلم ٿيو آهي،ڪيڏي نه افسوس جي ڳالھ آهي جو هڪ طرف نوجوان کي قتل ڪيو ويو بعد ۾ قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي بجاءِ انصاف لاءِ ويٺل دودي جي وني ۽ امڙ توڙي وارثن تي پوليس تشدد ڪري دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو،جيڪو بعد ۾ عوام،ميڊيا توڙي وفاقي حڪومت جي نوٽيس وٺڻ بعد پوليس واپس ورتو آهي،انهي موقعي تي هيومن رائيٽس اڳواڻ چيلارام ڪيولاڻي چيو ته دودي ڀيل جي قتل ڪيس کي انسانيت جو قتل سمجهون ٿا،هي هڪ دودي جو قتل نه بلڪه انسانيت جو قتل آهي،واقعي تي انهي تي سياست ڪرڻ نه گهرجي،جيئن دودي جي وارثن کي انصاف ملي سگهي

فوتي انجنيئر هريش جي وارثن جو عدالت وڃڻ جو اعلان

اسلام ڪوٽ:ٿرڪول بلاڪ ون ۾ فوت ٿيل انجنيئر هريش ڪمار جي وارثن ڪمپني خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،اُنهي سلسلي ۾ بلاڪ ون ۾ اڍائي مهينا اڳ فوت ٿيل ڏيپلي جي ڳوٺ ويڙهيجپ پاسي نوجوان سيفٽي آفيسر هريش ڪمار جي وارثن پيءُ ڪرشن ميگهواڙ،چهنو مل،انجنيئر ڪبير ڪمار،ڪنول سنڌي ۽ ٻين پريس ڪلب اسلام ڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان جو ڳڀرو نوجوان هريش ڪمار جيڪو چائينا مان ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪري ٿرڪول بلاڪ ون ۾ سيفٽي آفيسر طور جوائن ڪيو هو،جيڪو ڪورنٽائين ٿيل هو،جتي هن کي شام جو دل ۾ تڪليف ٿي،نوجوان جي شڪايت ۽ دانهن باوجود اُتي کيس ڪا به صحت جي سهوليت نه ڏني ويئي نه وري اسپتال موڪليو ويو،صرف ڪمپائونڊر هڪ ڊائيڪلو انجيڪشن هڻي ڇڏي ڏنو،اُنهي بعد هريش جي وڌيڪ طبيعت خراب ٿي پئي،اُن جي باوجود ڪمپني ڪجهھ به نه ڪيو،نيٺ هريش ڪمات رات جو هڪ بجي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو،اُن وقت اُن سان گڏ ڪورنٽائين ٿيل هڪ ساٿي هريش کي کڻائي اسلام ڪوٽ اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن چيو ته هن جي ڪيترائي ڪلاڪ اڳ فوتگي ٿي چُڪي آهي،اربين روپين جي پروجيڪٽ تي صحت جي ڪا سهوليت موجود ڪونهي،ڪمپني جي گاڏين ۾ جهاز جو تيل استعمال ڪيو وڃي ٿو،جيڪو ڪمپني جي ڪمن ڪارن لاءِ اڍائي ڪلاڪن ۾ ڪراچي پهچن ٿيون پر هريش کي مٺي جيڪو پندرنهن منٽ تي موجود هئي اُتي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال نه پهچايو ويو،اگر هريش کي ٽائيم تي اسپتال پهچايو وڃي ها ته هُو بچي وڃي ها،هنن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر اي سي جي رپورٽ بعد هريش جي موت جو ذميوار ڪمپني کي قرار ڏنو آهي،اسان اُنهي رپورٽ جي بنياد تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرايون ٿا،اسان هريش تي لکين روپيا خرچ ڪري چين مان پڙهايو ته هُو پنهنجي ملڪ ۾ اچي روزگار ڪندو پر اسان کي روزگار بدران نوجوان جو لاش مليو آهي،هريش ڏيڊ سال اڳ شادي ڪئي هڪ ٻار جو اولاد آهي،اسان جون سموريون حسرتون ختم ٿي ويون،دانهن ڪير نه ٿو ٻُڌي،ظلم ٿيو آهي،اسان وزيراعظم جي آيل ڪميٽي کي به دانهن ڏني آهي،سنڌ حڪومت کي به دانهن ڏني آهي ته ڪمپني جي ملوث آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.