سنڌ ۾ اختياري مضمونن ۾ فيل ٿيندڙ شاگردن کي پاسنگ مارڪس ڏيڻ جو فيصلو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي ميٽرڪ ۽ انٽر جي اختياري مضمونن ۾ فيل ٿيندڙ شاگردن کي پاسنگ مارڪس ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جولاءِ مهيني ۾ ڏهين جماعت جا امتحانن کانپوءِ تڪڙي نائين جا امتحان، جڏهن ته يارهين جماعت جا امتحان ٻارهين جماعت جي امتحانن کانپوءِ آگسٽ ۾ ورتا ورندا.

اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته رڳو اختياري مضمونن جا امتحان ٿيندا.

امتحانن جي 45 ڏينهن کانپوءِ پهرئين مرحلي ۾ ڪلاس ڏهين ۽ ٻارهين جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ نائين ۽ ڏهين جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويندو.

هلندڙ سال ميٽرڪ ۽ انٽر ۾ پريڪٽيڪل ٿيوري امتحانن کانپوءِ ورتا ويندا، پريڪٽيڪل امتحان پنهنجي پنهنجي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ئي ٿيندا.

ميٽرڪ ۽ انٽر جي اختياري مضمونن ۾ جيڪڏهن ڪو شاگرد فيل ٿئي ٿو ته ان کي پاسنگ مارڪس ڏنيون وينديون، جڏهن ته لازمي مضمونن جون مارڪون اختياري مضمونن جي مارڪس جي بنياد تي ڏنيون وينديون.

پهرين کان اٺين تائين امتحان اسڪولن ۾ هن سال ٿيندا ۽ انهن جي تاريخن جو اعلان اسڪول پنهنجي طور ڪري سگهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.