کهڙا: مقتول نينگري روبينا اڄڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو

کهڙا ۾ مقتولا نينگري روبينا اڄڻ جي قاتلن جي گرفتاري ۽ خون سان انصاف لاء احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڪجه ڏينهن اڳ پير ڪٽڪپال تان مبينا اغوا بعد قتل ٿي ويل کهڙا واسڻ انٽر جي شاگردياڻي روبينا اڄڻ جي قاتلن جي گرفتاري. خون سان انصاف لاء شھرين. دڪاندارن. سنڌي ادبي سنگت ۽ نياڻي جي وارثن پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي مبين اڄڻ. رضوان شيخ. غلام ميمڻ. رمضان علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي مقتولا نياڻي روبينا اڄڻ جي ڀاء سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ ناليواري شاعر مبين اڄڻ ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ سندس ڀيڻ روبينا کي درگاه پيرڪٽڪال تان اغوا بعد قتل ڪيو ويو جنهن کي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آھن پر سندس خون سان اڃان تائين انصاف ناهي ٿيو. پوليس قاتل گرفتار ڪري ناهي سگهي. هن چيو ته اسين غريب. مسڪين. پورهيت آھيون اسان سان انصاف ڪري جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.