نواز شريف جي ملڪيت نيلامي خلاف 3 درخواستون رد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ملڪيت نيلامي خلاف 3 درخواستون رد ڪري ڇڏيون.

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ملڪيت نيلامي خلاف اشرف ملڪ، اسلم عزيز ۽ اقبال برڪت درخواستون داخل ڪيون هيون.

احتساب عدالت جي جج اصغر علي درخواستن تي محفوظ فيصلو ٻڌايو ۽ ٽئي درخواستون رد ڪري ڇڏيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.