سامارو: راهو آباد واسي گم ٿي ويل پيرسن جو بند پيل جاءِ مان لاش هٿ

سامارو ڀرسان گذريل ڏينهن راهو آباد واسي گم ٿي ويل پيرسن نواب علي پٽ ڪرم  کوسو جو سامارو شھر جي پير ڪالوني ۾ بند پيل جاءِ مان لاش هٿ آيو ، سامارو پوليس پھچي لاش کي تعلقي اسپتال پھچايو، نواب کوسو روڊس کاتي جو رٽائرڊ داروغو ھو ۽ جنھن جاءِ  مان لاش مليو اھا جاءِ پڻ ھن وٽ ڪرائي تي ھجڻ جو ٻڌايو پيو وڃي، سامارو پوليس جو چوڻ آهي ته ھن وقت ڪجھ به نٿو چئي سگهجي، پوسٽ مارٽم ۽ وڌيڪ جاچ ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪجھ ٻڌائي سگھجي ٿو،ھوڏانھن فوتي نواب کوسو جي پٽ منصور  جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن صبح جو سندس والد کي الائي ڪنھن جو فون آيو ھو، جنھن کان پوءِ هو گھران نڪتو ھو، رات تائين گھر نه اچڻ ڪري اسان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر رابطو نه ٿي سگهيو! جنھن بعد ڳولا شروع ڪئي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.