حڪومت جو سال جي پڄاڻي تائين 7 ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ جو هدف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي حڪومت جو هدف آهي ته هلندڙ سال جي پڄاڻي تائين 7 ڪروڙ پاڪستانين کي ڪورونا وائرس کان بچاءَ جي ويڪسين لڳائي وڃي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته 40 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي ويڪسين جي فراهمي جو عمل شروع ٿي ويو آهي، هلندڙ سال جون جي آخر تائين هڪ ڪروڙ 90 لک خوراڪون حاصل ٿي وينديون، جن مان 90 سيڪڙو خريداري ذريعي حاصل ٿينديون، اسان رڳو عطيي تي نه پيا ڀاڙيون.

هن چيو ته حڪومت هيل تائين ويڪسين جي 3 ڪروڙ خوراڪن لاءِ معاهدن تي صحيحون ڪري چڪي آهي، اسان سال جي پڄاڻي تائين 7 ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ چاهيون ٿا ۽ جون تائين ٿيل معاهدن کي ڏسندي حڪومت کي ان هدف تي تسلي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.