دڙي ويجهو حادثو، زال مڙس زخمي ، هڪ ڄڻو گرفتار

دڙو (ن ع آ) دڙي ويجهو ٻيلو روڊ تي والي شاھ اسٽاپ وٽ ٽي ڏينهن اڳ موٽرسائيڪل تي سوار سوڍا نالي جي رھواسي حسن ملاح ۽ سندس  زال سڪينا کي ٽڪر ھڻي زخمي ڪندڙ چنگچي رڪشا ڊرائيور کي ٻيلو پوليس اڃا تائين گرفتار ڪري نه سگهي آهي ان ڏس ۾ زخمي ٿيلن جي پٽ ممتاز ملاح ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته سندس ماءُ ۽ پيءُ موٽر سائيڪل تي دڙي شھر کان واپس ڳوٺ اچي رهيا هئا ته والي شاھ اسٽاپ وٽ چنگچي رڪشا جي ڊرائيور موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻي منهنجي ماءُ ۽ پيءُ کي زخمي ڪري وڌو جن جون ڄنگهون ڀڄي پيون آهن جڏهن ته ٻيلو پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪرڻ بدران سکڻا دلاسا ڏئي رهي آهي هن مطالبو ڪيو تہ چنگچي رڪشا ڊرائيور کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.