ڪوٽڙي ۾ قتل ٿيل پورهيت جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جوهي ۾ ڌرڻو

جوهي  (ن ع آ) هڪ هفتو اڳ ڪراچي مان دوکي سان گهرائي ڪوٽڙي ۾ بي دردي سان قتل ڪيل عمران لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جوهي ۾ شھيد مخدوم بلاول پارڪ کان وارثن ۽ لنڊ برادري جي سوين ماڻھن غلام رسول لنڊ، شريف لنڊ، غلام حيدر لنڊ، رسول بخش لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري جوهي دادو مين روڊ تي ڌرڻو هنيو. جتي مقتول جي وارثن ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام هنيو آھي ته ڪراچي ۾ مذدوري ڪندڙ پورهيت عمران لنڊ کي جوابدارن دوکي سان گهرائي ڪوٽڙي خدا جي بستي ۾ قتل ڪري ڇڏيو جنهن جي کيسي مان موبائل فون ۽ ٻيو ڪجه پوليس کي هٿ آيو ان با وجود پوليس جوابدارن مان ٻن کي گرفتار ڪري بعد هاڻ قانوني ڪارروائي کان لنوائي رهي آھي. ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، وزير اعليٰ سنڌ، آءِ جي کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته مقتول عمران لنڊ جي اصل قاٿلن کي گرفتار ڪري مقتول جي وارثن کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.