ڪراچي: گلستان جوهر ۾ دڪان ۾ ڌماڪو، ٻه ٻار ۽ عورت فوت

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ موسميات کاتي ڀرسان دڪان ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻه ٻار ۽ هڪ عورت فوت ٿي ويا.

پوليس موجب گلستان جوهر ۾ ڌماڪو الجديد موڙ ڀرسان يونيورسٽي روڊ تي ٿيو، جنهن جي شدت ايتري هئي جو ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، جڏهن ته ڌماڪي سان عمارت ۽ گڏ ٻين دڪانن کي به نقصان پهتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نوعيت جو پتو لڳائڻ لاءِ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو، جيڪو ٻڌائيندو ته بيٽرين سبب ٿيو يا سئلينڊر ڦاٽڻ سبب پر شروعاتي طور اهو واقعو حادثو لڳي رهيو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي جون شاهديون سامهون ناهن آيون.

پوليس ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻن ٻارن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جڏهن ته جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر سيمي جمالي موجب ڌماڪي ۾ فوت ٿ يل هڪ عورت جو لاش به جناح اسپتال آندو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٻئي ٻار ڀاءُ ڀيڻ آهن، جن جي سڃاڻپ فاطمه ۽ عبدالله جي نالن سان ٿي، جڏهن ته چئن زخمين کي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.