ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا عاليا ڀٽ به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي وئي.
28 ورهين جي اداڪارا سوشل ميڊيا تي ٻڌايو ته ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کانپوءِ مان گهر ۾ پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڊاڪٽرن جي هدايتن تي عمل ڪري رهي آهيان.
هن پنهنجي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندڙن جا ٿورا مڃيا ۽ ماڻهن کي محفوظ رهڻ ۽ پنهنجو خيال رکڻ جي به اپيل ڪئي.
واضح رهي ته ڀارت ۾ ڪورونا هڪ ڀيرو ٻيهر شدت اختيار ڪري ويو آهي ۽ عام ماڻهن سان گڏ سياستدان توڙي شوبز شخصيتون به وائرس سان متاثر ٿي چڪيون آهن.