ڪوٽڙي:سبحان الله ڪالوني جي رھواسڻ مڙس جي ظلم خلاف پريس ڪلب پھچي وئي

ڪوٽڙي جي سبحان الله ڪالوني جي رھواسڻ فرزانا قمبراڻي پنھنجي مڙس جي ظلم ۽ ناانصافين خلاف پريس  ڪلب پھچي وئي ،  صحافين اڳيان دانھيندي سندس چوڻ هو ته  سندس مڙس غلام محمد قبراڻي مٿس روزانو بنا جواز تشدد ڪري ٿو ، هن جا  2 ٻار چئن ورھين جو شاھذيب ۽ ٽن ورھين جو فلڪ به زبردستي کسي ويو آھي ھن چيو ته هوءَ  بيمار آهي،  پر سندس  مڙس کيس ڪجھ به ناھي ڏيندو ، پورھيو ڪري پيٽ گذر ڪندي آھيان پر پوء به مڙس بنا جواز تشدد ڪري ٿو، ھن چيو ته ايس ايس پي آفيس ۽ ڪوٽڙي ٿاڻي تي پوليس وٽ دانھڻ جي باوجود ڪير به مدد ڪرڻ لاء تيار ناھي، ھن ايس ايس پي ڄامشورو،  ڊي آء جي حيدرآباد سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندس مڙس خلاف ڪاروائي ڪري کيس ٻار موٽرائي ڏنا وڃن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.