بدين:عورت کي گولي هڻي زخمي ڪندڙ ڊاڪٽر جي گرفتاري لاءِ مظاهرو

بدين ۾ عورت کي گولي ھڻي زخمي ڪندڙ ڊاڪٽر جي گرفتاري لاءِ عورت جي وارثن پارا ايوان صحافت بدين اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، ٻه ڏينهن اڳ  پير  ملوڪ شاھ پاڙي ۾ رهندڙ عورت مسمات ذليخان زال احسان ڀرڳڙي کي سندس ئي مائٽ ڊاڪٽر سيف الله ڀرڳڙي پاران ٽنگ ۾ گولي هڻي کيس سخت  زخمي ڪيو ويو هو جنهن کي نازڪ حالت ۾ انڊس اسپتال بدين ۾ داخل ڪيو ويو هو جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو ،جتي عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جڏهن ته ٻئي. طرف سندس وارثن گل ڀرڳڙي، اسماعيل پٺاڻ، فرحان ڀرڳڙي ، شھزاد ڀرڳڙي جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت بدين اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙن چيو ته پوليس گولي ھڻندڙ  جوابدار ڊاڪٽر کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي  ۽ ڊاڪٽر پاران موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طورتي جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي ..

رپورٽ_ رازق ڏنو کوسو

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.