وفاق هارائڻ لاءِ سرڪاري مشينري استعمال ڪئي،کٽائڻ تي عوام جو ٿورائتو آهيان:  امير شاه جيلاني  

ٿر جي قومي تڪ اين اي 221 تي تازو ڪامياب ٿيل پ پ پ اميدوار پير امير علي شاه جيلاني  چيو آھي ته مونکي هارائڻ لاءُ وفاقي سرڪار سرڪاري مشينري استعمال ڪئي ۽ ووٽرن کي خريد ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. پر تڪ جي باشعور عوام مخالفن جون سموريون سازشون ناڪام بڻائي کين تاريخي شڪست ڏني . مٺي جي ارباب هائوس تي ارباب امير امان الله سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي پير امير علي شاه جو  وڌيڪ چوڻ هو  ته  تڪ جي ڪجهه پولنگ اسٽيشنز تي اسان جي ووٽرن جي رستا روڪ ڪئي ويئي. ۽ اسانجي اڪثريت واري پولنگ ڪيسراڙ کي پي ٽي آءِ  وارن هٿ سان باه ڏيئي سامان  کي ساڙي تخريبڪاري ڪئي جنهن  معاملي جي جاچ ڪري گرفتار شڪي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. هن چيو ته وفاقي سرڪار جا چونڊيل نمائنده سرڪار جي ويگو گاڏين ۾ سوار ٿي ووٽرن کي خريدڻ ۽ حراسان ڪرڻ لاءُ سرگرم رهيا  هن چيو ته ٿر جي عوام جو ٿورائتو آھيان جنهن وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪري خدمت جو موقعو ڏنو. عوام جي اعتماد ۽ ڀروسي تي پورو لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس.

هوڏانهن امير علي شاه جيلاني مٺي ۾ پريس ڪانفرنس بعد وڏي جلوس جي شڪل ۾ ڇاڇرو روانو ٿيو جتي سندس مان ۾ حامين پاران آجياڻو رٿيل هو

رپورٽ-غازي بجير

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.