شبلي فراز حليم عادل جي ڏوهن جي پردا پوشي ڇو پيو ڪري: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شبلي فراز حليم عادل شيخ جي ڏوهن تي پردو ڇو پيو وجهي.

سنڌ جي حڪومت جي ترجمان بيرسٽر مرتضيٰ وهاب سينيٽر شبلي فراز جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته شبلي فراز جي ڳالهين مان لڳي ٿو ته حليم عادل شيخ دنيا جو معصوم ماڻهو آهي.

هن چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت تي الزام تراشي مان ڪجهه حاصل نه ٿيندو، حليم عادل شيخ کي بچائڻ لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف شبلي فراز کي آڏو ڪيو آهي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته حليم عادل شيخ جا ڪرتوت شايد شبلي فراز جي علم ۾ ناهن، شبلي فراز تحريڪ انصاف جي ٽائيگر جي روپ ۾ لينڊگريبر آهي.

سندس چوڻ هو ته پولنگ اسٽيشن تي هٿياربند ماڻهن سان گڏ موصوف جي گرفتاري ٿي، شبلي فراز کي گهرجي ته پريس ڪانفرنس کان اڳ حليم عادل شيخ جون حرڪتون ڏسي.

هن وڌيڪ چيو ته شبلي فراز تحريڪ انصاف جي عقيدت ۾ نور چشم ٿي بيان ڏئي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.