ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جي في تولي قيمت ۾ وڌيڪ 100 رپيا گهٽتائي ٿي وئي.
سنڌ سونارا ايسوسيئيشن موجب سڄي ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 100 رپيا گهٽتائي ٿي آهي جنهن کان پوءِ سون جي في تولو قيمت 1 لک 10 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي.
10 گرام سون جي قيمت ۾ به 86 رپيا گهٽتائي ٿي آهي جنهن کان پوءِ 10 گرام سون 94 هزار 478 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب عالمي سونارا مارڪيٽ ۾ قيمت 4 ڊالر گهٽجي آهي ۽ في اونس 1785 ڊالر آهي.