تَنين کي تعليمَ جِي، ڪُڙهَه اندر ڪانِي

تحرير: نصرت سڪندر

اسان وٽ، حالَ توڙي ويجهي ماضيءَ ۾، تعليم حاصل ڪندڙن کان وٺي، تعليم ڏيندڙن، ان سفرجي سهُولتڪارن توڙي تعليمي ماهرن تائين ڪنهن به تعليم جي وصف نه صحيح نموني سمجهائي آهي، نه ئي شايد سمجهي آهي. ظاهر آهي، ته جڏهن ان جي بنيادي وصف جي تفهيم پاڻ وٽ ئي نه هوندي، ته اها ٻئي کي ڪيئن سمجهائي سگهبِي. اسان وٽ تعليم فقط سَنَدن (ڊگريُن) جي حصُول جو نالو وڃي بچي آهي، جڏهن ته دراصل تعليم: ’ت‘ (توازن)، ’ع ‘ (علم)، ’ل‘ (لطافت)، ’ي‘ (يادداشت) ۽ ’م‘ (مطالعي) جو مجموعو آهي، جنهن جو مطلب ٿيندو: ”توازن سان حاصل ڪيل اهو علم يا اها ڄاڻ، جيڪا مطالعي سان انساني شخصيت جي تعمير ڪري، منجهس لطافت پيدا ڪري ۽ سندس يادداشت ۾ مرڻ گهڙيءَ تائين باقي رهي.“ ان وصف جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن ملڪ ۾ خواندگيءَ جي شرح ڪڍي وڃي، ته ڪيترا ئي فقط ’ڊگري يافته‘، ’تعليم يافته‘ قرار ڪونه ڏنا ويندا.

ان ڳالهه تي سڄيءَ دنيا جي تعليمي ماهرن ۾ اتفاق آهي، ته ماضيءَ جي سمورن زمانن جي ڀيٽ ۾ موجوده دؤرَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جُون سڀ کان وڌيڪ سؤلايون ميسّر آهن، پر سوال اهو ٿو اڀري ته اسان جهڙا ٽين دنيا جا معاشرا، معياري تعليم عام ڪرڻ ۽ هر ڪنهن تائين پهچائڻ ۾ ڪيتريءَ حد تائين ڪامياب ٿيا آهن، جتي خانگي توڙي سرڪاري ادارا پنهنجي وت ۽ وس آهر تعليم ۾ بهتري آڻڻ جا دعويدار به آهن.

24 جنوريءَ جو ڏينهن، سڄيءَ دنيا ۾ گڏيل قومن پاران ”تعليم جي عالمي ڏينهن“ طور ملهايو ويندو آهي، جنهن جي ملهائڻ جو مقصد عالمي سطح تي، سڀني ملڪن جي سهڪار سان، جديد طريقن جي استعمال سان، دنيا جي هر فرد لاءِ معياري تعليم جي فراهمي ممڪن بڻائڻ آهي. ان سان گڏوگڏ معياري تعليم جي حاصلات جي ڏس ۾ هر ڪنهن جي ڪردار جي واضح نشاندهي ڪرڻ به هن ڏينهن جي مقصدن ۾ شامل آهي، ڇاڪاڻ ته دنيا جي ڪابه قوم ڪنهن به حوالي سان ترقيءَ جي عروج تي فقط تعليم سبب ئي پهچي ٿي.

پاڪستان هن وقت تعليمي معيار (ڪوالٽي ايجوڪيشن انڊيڪس) جي لحاظ کان، دنيا جي سمورن ملڪن ۾ 94هين  نمبر تي آهي، جيڪا هڪ ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال آهي. اسان جي ملڪ ۾ تعليم جي بهتريءَ لاءِ ڪيتري محنت ۽ توجهه گهربل آهي، ان جو ڪاٿو ان درجه بنديءَ مان نهايت آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو. تعليم جو مقصد طبقاتي فرق مٽائڻ پڻ آهي. هر معاشري جي لحاظ کان حڪمرانن کان اهو سوال ڪرڻ به جائز آهي ته انهن پنهنجي قوم جي امير توڙي غريب کي هڪ جهڙي تعليم ڏيڻ جي حق ادا ڪرڻ ۾ ڪيترو انصاف ڪيو آهي ؟ جي ايئن ناهي ڪيو ويو، ته اهو به حاڪمن جي حصي ۾ معاشرتي انصاف نه ڏيڻ برابر هڪ ڏوهه آهي.

ڇا معياري تعليم نه ملڻ ۾ استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ رابطن جي فقدان يا ڪمزور هجڻ جو عمل دخل آهي؟ يا استاد جي شاگردن سان ورتاءَ ۽ پڙهائڻ جي انداز جو؟ اِهي اُهي سوال آهن، جن جا جواب مڪاني تعليمي ماهرن کي وقت سِر ڳولڻا پوندا، ڇو ته شاگردن جو مضمونن ۾ دلچسپي وٺڻ جو ڪارڻ گهڻي ڀاڱي استادن جي سکيا جو طريقي ڪار ئي بڻجي ٿو. جيڪو استاد جيترو سؤلو ۽ مُدلّل نموني سيکاري، ۽ سمجهائي ٿو ۽ تجربن توڙي مشاهدن رستي سکيا جو دڳ وٺي ٿو، اوترو ئي شاگرد سندس مضمون ۾ دلچسپي وٺن ٿا.

مخلتف سطح جي تعليمي ادارن ۾ هلندڙ ڪلاس دؤران، شاگرن مان ڪِن کي استاد جي معاونت جِي وڌيڪ ۽ ڪِن کي گهٽ ضرورت پوندي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪي شاگرد، خداد صلاحيتن جا مالڪ هوندَي ’پاڻ پڙهڻ‘ (سليف لرنگ) ۾ ڀڙُ هوندا آهن. اهڙن هوشيار شاگردن کان ساڳئي ڪلاس جي شاگردن کي پاڙهڻ جي حوالي سان استادن جي معاونت ۽ پاڻ کان جونيئر ڪلاسن جي شاگردن کي پوريءَ ريت پاڙهڻ جو ڪم پڻ وٺي سگهجي ٿو. جڏهن ته تعليمي عمل دؤران، دير سان سکندڙ شاگردن کي’نا اهل‘، ’جَڏَي‘ ۽ ’ڪُند ذھن‘ وغيره جهڙا لقب ڏيڻ بدران، جيڪڏهن هر شاگرد جي سکيا ۾ پيش ايندڙ ڏکيائن جي مد ۾ ضرورت آهر انهن جي مدد ڪئي وڃي، ته  سڀني شاگردن کي هڪ ئي قطار ۾ بيهاري اڳتي وڌڻ جو موقعو ڏئي سگهجي ٿو ۽  هر تعليمي سال ۾ سکيا جي حوالي سان گهربل نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.

گذريل سال 2020ع دؤران ڪورونا جي قهري وار سبب، ڳچ عرصو گهر ۾ بند رهي، ٻاهر نڪرڻ بعد  جتي انساني صحت ۽  نفسيات تي کوڙ سارا منفي اثر ظاهر ٿيا،  اتي تعليمي ادارن جي بند رهڻ ڪري، مسلسل سِکيا جو عمل پڻ بُريءَ طرح متاثر ٿيو آهي. انهيءَ زيان ۽ تعليمي حرج کي ذهن ۾ رکندي، مجموعي طور تي استادن پاران اهڙو ڇا ڪجي ؟ جو گهٽ وقت ۾ تعليمي سيشن، انفرادي پيريڊ يا سبق کي ڪاميابيءَ سان پاڙهڻ لاءِ سودمند نتيجا حاصل ڪري سگهجن ۽ گهٽ وقت ۾ گهڻي ڄاڻ ڏئي سگهجي. ان ڏس ۾ فاصلاتي تعليم جا مختلف طريقا، مثلاً: مختلف قسم جي سمارٽ فون ايپليڪيشنس رستي تعليمي سکيا جا تجربا پڻ هلندڙ وقت ۾ گهربل مثبت نتيجا ڏئي سگهن ٿا، شرط اهو آهي ته انهن کي آسان ۽ مڪاني شاگردن جي ذهني سطح مطابق ڊزائن ڪيو وڃي.

تعليمي معيار جي بهتريءَ جي سفر ۾ استاد پاران فقط شاگردن جي والدين جي لاپرواهي ءَ ۽ ماحول مٿان بار اُڇلائي، پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ذميواريءَ کان آجو ڪري ڇڏڻ واري روايتي طريقي ۾ پڻ تبديليءَ جي اشد ضرورت آهي. ان سان گڏوگڏ تعليمي ادارن ۾ امتحان وٺڻ جي طريقي جي تبديليءَ سميت، مارڪون، گريڊ ۽ پوزيشن جي صورت ۾ نتيجا ظاهر ڪرڻ جي طريقي ۾  پڻ تبديليءَ جي ضرورت آهي. ٻارن کي مختلف موضوعن بابت پاڻ کوجنا جا رستا ڏَسڻ به وقت جي اهم ضرورت آهي. اثرائتا ۽ ڪامياب سبقن جا منصوبا جوڙيندڙ استاد ئي شاگردن جي ڪامياب سکيا جي حاصلات جا گهربل نتيجا حاصل ڪري سگهن ٿا. ان سان گڏوگڏ استادن کي ’هڪٻئي کان سکڻ‘ جي روايت کي به ترجيح ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن اعليٰ تعليمي ادارن وانگر اهڙن پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ به ”مهمان استادن“ (وزيٽنگ فيڪلٽيءَ) کي به مناسب معاوضي تي اچي پاڙهڻ جا موقعا ڏنا وڃن، جتي باصلاحيت استادن جي اڻاٺ آهي يا موجود عملي ۾ صلاحيتن جي کوٽ آهي، ته ان عمل سان گڏجي ڪم ڪرڻ (ٽيم ورڪ) کي پڻ هٿي ملندي ۽ استادن توڙي شاگردن ۾ هڪٻئي جي صلاحيتن مان سکڻ جا امڪان اُڀرندا.

سڀني کان اهم ۽ بنيادي ڳالهه ته شاگردن مان فقط نصاب رَٽي، جيئن تيئن ڪري امتحان پاس ڪرڻ  وارو عزم ۽ نصب العين مَٽائي، منجهن علم حاصل ڪرڻ جي جستجو ۽ ڏاهپ جي منزل طرف هر قدم وڌائڻ جي خواهش ۽ اُڃ پيدا ڪرڻ ۽ کين اهو احساس ڏيارڻ جي اشد ضرورت آهي، ته تعليم جي حاصلات هڪ اڻکٽ سفر آهي، جنهن رستي تي سڄي عمر هلبو، تڏهن به منزل تي نٿو پهچي سگهي، تڏهن ئي اسان جي معاشري منجهان ارسطو، افلاطونَ، سُقراط، ڀٽائي ۽ مارڪس پيدا ٿي سگهندا ۽ پنهنجي فيض سان هن سماج کي سوجهرا ارپيندا. جڏهن علم جي پياسن لاءِ تعليم، واقعي توازن سان هڪ اهڙي علم جي حصول جو  نالو بڻبي، جنهن ۾ لطافت به هجي ۽ اها سندن يادداشت کي جامع مطالعي سان هميشه سيراب ڪرڻ جو انداز به ڄاڻي، تڏهن ئي انهن لاءِ تعليم، ’ڪُڙهَه اندر ڪانيءَ‘ جو باعث بڻبِي، نه ته رٽَي ته طوطو به ڳالهائي سگهي ٿو، جيڪو ڪجهه مهينا ياد نه ڏيارڻ سان کيس وسري به وڃي ٿو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.