پکو جي قلم ڌڻين طرفان خيرپور ناٿن شاھ پريس ڪلب تي حملي خلاف مظاهرو

پکو ۾ قلم ڌڻين طرفان خيرپور ناٿن شاھ پريس ڪلب تي ٿيل حملي ۽ صحافي علي کوسو تي ٿيل قاتلاڻي حملي ۽ بااثرن طرفان ملندڙ موتمار ڌمڪين واري عمل خلاف پريس ڪلب جي صدر علي گل انقلابي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاج ڪيو ويو ، ان موقعي تي قلم ڌڻين محمد علي تيوڻو , عبدالوحيد ميئو , آزاد اياز , تنوير حسين خشڪ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته  ڪي اين شاھ پريس ڪلب ۽ سينيئر صحافي علي گل کوسو مٿان حق سچ لکڻ تي قاتلاڻو حملو ڪري کيس زخمي ڪرڻ وارو عمل بزدلاڻو عمل آھي

هنن مطالبو ڪيو  ته ڪي اين شاھ پريس ڪلب ۽ صحافين تي حملو ڪندڙ شرپسندن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.