ڀان سيدآباد: پيرسن جو بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاج

ڀان سيدآباد ڀرسان ڪاڇي جي ڳوٺ ٽنڊورحيم خان جي رهواسي  پيرسن پاران بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو.

پيرسن احمد خان جمالي پريس ڪلب ڀان سيدآباد پهچي الزام هڻندي چيوته  بااثر غلام نبي، اڪبر ۽ عيسي زبردستي سندس  گهر ۾ گهڙي تشدد جو نشانو  بڻائي گهر ۾ بيٺل موٽرسائيڪل، ، روڪ رقم ۽ ٻِيو سامان ڦري ويا آهن.

هن چيوته بااثرن هنن  جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، بااثر پوليس معرفت ڌمڪائي رهيا آهن.

ڳوٺاڻي اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.