ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سون جي في تولي قيمت ۾ 500 رپيا گهٽتائي ٿي وئي.
عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس 24 قيراط سون جي قيمت 18 ڊالر جي گهٽتائي سان 1829 ڊالر جي سطح تي پهچڻ جي ڪري مقامي سونارا مارڪيٽن ۾ به اڄ في تولي ۽ في 10 گرام سون جي قيمتن ۾ ترتيبوار 500 رپيا ۽ 429 رپيا گهٽتائي ٿي.
ان جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، لاهور، فيصل آباد، اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي سونارا مارڪيٽن ۾ في تولي سون جي قيمت گهٽجي 112400 رپيا ۽ في 10 گرام سون جي قيمت گهٽجي 96365 رپيا ٿي وئي.
ان هوندي في تولي چاندي جي قيمت بنا ڪنهن تبديلي جي 1300 رپيا ۽ في 10 گرام چاندي جي قيمت 114 رپيا 52 پيسن تي برقرار رهي.