”هن سال ڪو به ٻار بنا امتحان جي پاس نه ٿيندو“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته هن سال ڪنهن ٻار کي امتحان کان سواءِ پاس نه ڪيو ويندو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود تعليمي ادارا مرحليوار کولڻ جو اعلان ڪيو.

شفقت محمود چيو ته 18 جنوري کان نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين درجي ۾ تعليمي سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويندو جڏهن ته پهرين درجي کان اٺين درجي تائين جون تعليمي سرگرميون پهرين فيبروري کان شروع ٿينديون.

تعليم واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته هائر ايجوڪيشن ۾ تعليمي سرگرميون به پهرين فيبروري کان بحال ڪيون وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.