حيدرآباد ۾ چمبڙ واسڻ جو ڀائرن خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) چمبڙ  جي ڳوٺ سنجر چانگ جي رهواسڻ سعيده طارق حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته زمين ۽ گهر جي حصي جي ڪري سندس ڀائر جاني دشمن بڻجي ويا آهن، جڏهن ته تحفظ ۽ انصاف ڏئي ڀائرن خلاف ڪارروائي ڪري جائيداد مان حصو ڏياري انصاف ڪيو وڃي. هن چيو ته ورهاست ۾ کيس 14 ايڪڙ زمين ۽ گهر ۾ حصو مليو آهي، جڏهن ته زمين منهنجي نالي رجسٽرڊ ۽ آباد آهي، زمين تي قبضو منهنجي ڀاءُ صابر احمد جو آهي ۽ ان اڄ تائين مون کي زمين جي مقاطي جا پئسا به نه ڏنا آهن، ويتر دٻاءُ رکيو وڃي ٿو ته زمين لکي ڏي، جڏهن ته 5 جنوري 2021 تي پنهنجي ٻارڙن سان گڏ ڳوٺ وياسين ته تالا ٽوڙي سندس گهر جو سامان کنيو ويو آهي ۽ ڀاءُ فخر نسيم، بابر علي، ڀيڻ فوزيه ۽ ان جي ڌيءُ مٿس سخت تشدد ڪيو، هوءَ زخمي حالت ۾ ٿاڻي پهتي ۽ اين سي ڪٽرائي، جڏهن ته سندس ڀائر اثر رسوخ استعمال ڪري پوليس تي دٻاءُ وجهن پيا.  هنن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته سندن جائز حق ڏياري ڀائرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.