بدين (ڊ ر) بدين لڳ ٽي ميل سم نالي وٽ وين جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر ھڪ ڄڻو فوت. ٽي سخت زخمي حالت نازڪ انڊس اسپتال انتظاميا پاران حيدرآباد ريفر. تفصيل موجب بدين لڳ ٽي ميل سم نالي وٽ وين ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو جنھن ۾ ھڪ ڄڻو کيتو پٽ آلو ڪولهي تڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٽي ڄڻا راجو ڪولھي خطو ڪولهي ۽ دايو ڪولهي سخت زخمي ٿي پيا جن کي ڳٺتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد روانو ڪيو ويو آهي پوليس موجب وين ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو آهي.