واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ تقريبن 7 ڏهاڪن ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت کي موت جي سزا ڏني وئي آهي.
جوابدار عورت هڪ ڳورهاري عورت کي گهٽو ڏئي کيس قتل ڪرڻ ۽ ان جو پيٽ ڪَٽي ٻار کي ڪڍڻ جي الزام ۾ ڏوهي ثابت ٿي هئي.
ليزا مونٽگوميري نالي جوابدار عورت کي اربع ڏينهن انڊيانا ۾ ٽيري هوٽ جيل ڪامپليڪس ۾ زهر جي سئي هڻي موت جي سزا ڏني وئي.
ان کان اڳ وفاقي حڪومت طرفان آخري ڀيرو 18 ڊسمبر 1953 ۾ بوني برائون هيڊي کي موت جي سزا ڏني وئي هئي.
ان عورت کي هڪ 6 ورهين جو ٻار اغوا ڪرڻ ۽ قتل جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي.