مقروضيت ۽ خودڪفاليت

فضل سليمان قاضي

ڪنهن به ملڪ جو اقتدار اعليٰ يعني حڪمراني جو دارومدار ان ملڪ جي خودڪفاليت تي ٻڌل آهي جڏهن خرچ مجموعي طور تي وسيلن جي آمدني کان وڌي وڃن ٿا ته مجبورن حڪومت وقت خرچن تي قابض ٿي انهن جي تخفيف ڪرڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿي. ان حالت ۾ معمول جي انتظامي خرچن کي پورو ڪرڻ  لاءِ قرض حاصل ڪرڻ لاءِ مجبورن عالمي مالياتي ادارن ۽ دوست ملڪن کان قرض حاصل ڪيا وڃن ٿا، جنهن جو برو اثر ملڪ جي اقتصادي مالي حالت تي پئي ٿو.

ملڪ کي قرض جي ادائگي ۽ ان تي وياج جو بار برداشت ڪرڻو پوي ٿو. اهڙين حالتن ۾ ڪو به مقروض ملڪ، آزاديءَ سان اقتصادي، مالياتي ۽ پرڏيهي پاليسي مرتب نه ٿو ڪري سگهي. اهو قرض ڏيندڙ ملڪ جو هر وقت محتاج رهي ٿو. انهن ملڪن جي پاليسي مرتب ڪندڙن کي مجبورن قبول ڪرڻو پوي ٿو. اهڙي حالت جو ذڪر ڪندي موجوده وزيراعظم عمران خان ”دنيا“ ٽي وي کي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته پهرين ٻن سالن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ويهه ارب ڊالر قرض ادا ڪيو آهي.جنهن ڪري تقريبن اڌ کان وڌيڪ وصوليات ان تي صرف ٿيون آهن.

انهن قرضن جي ادائگي کان پوءِ محدود وسيلا بچيا آهن جن سان عوامي فلاح ڪري سگهجي ٿي. قرض جون رهتون ڏيندي ڏيندي ملڪ جو مالياتي خسارو وڌندو رهي ٿو. ملڪ جي عوام کي ڪابه مناسب شئي جهڙوڪ پيئڻ جو پاڻي، بجلي، پيٽرول، صحت، تعليم ميسر نه آهي نه ڪا اميد نظر اچي ٿي. جيستائين وڏي پيماني تي خرچن جي مد ۾ وسيع گهٽتائي نه ٿي ڪئي وڃي.

تازو پاڪستان جي اسٽيٽ بينڪ طرفان اقتصادي ترقي جي رفتار جو ڪاٿو 1.5-2.5سيڪڙو بيان ڪيو ويو آهي. ان جي ابتڙ ورلڊ بينڪ جي رپورٽ موجب اقتصادي ترقيءَ جي رفتار جي اڳڪٿي 0.5 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. کاڌ خوراڪ جي اهم شين جون قيمتون چوٽ چڙهي ويون آهن. جن ۾ گهٽتائيءَ جي ڪا اميد نظر نه ٿي اچي. حڪومت بي وس آهي. حالتون ان جي انتظامي صلاحيت کان ٻاهر نڪري ويون آهن. حڪومتي تعلقات عامه جي ڪارندن کان هاڻي عوام بيزار ٿي چڪو آهي. روز ٽي وي تي بڪ، بڪ جو پروگرام جاري آهي.  عوام انهن پروگرامن ۾ ٿيندڙ بڪواس مان بيزار ٿي ويو آهي. ما به انهن مان هڪ آهيان.

جيڪي خواب، عمران خان، عوام کي ڏيکاريا هئا. انهن جي تعبير ممڪن ٿي نه سگهي آهي نه ڪي ٿيڻ جي اميد نظر اچي ٿي.  نڪمن وزيرن ۽ صلاحڪارن جي فوج عمران خان لاءِ ذلت جو ڪارڻ بڻجي رهي آهي. شمشاد احمد صاحب پاڪستان جي پرڏيهي وزرات جو آفيسر رهيو آهي ۽ ترقي ڪندي پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جو سيڪريٽري به رهيو آهي تنهن رٽائر ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب Dreams unfulfilled ۾ پنهنجن خيال جو اظهار ڪندي لکيو آهي ته ”بدقسمتيءَ سان آزاديءَ کان وٺي پاڪستان جي شهرين کي ملڪ جي تاريخ تعين ڪرڻ جو موقعو مهيا نه ٿيو آهي، ملڪ جي حڪومتي نظام ۽ ملڪ جي سياسي، اقتصادي ۽ سماجي پاليسين جوڙڻ ۾ انهن کي ڪوبه موقعو نه ڏنو ويو آهي.

پاڪستان جي شهرين جو استحصال ٿيندو رهيو آهي. عام طور تي ”پاڪستان جي نظريي“ ۽ ”ٻاهريان خطرن“ کان خوفزده ڪرڻ واري وايو منڊل جي تشريح ٿيندي رهي آهي. انهن خوفن ۽ خطرن کان ڇوٽڪارو نه ملي سگهيو آهي جنهن ڪري ملڪ جي اصلي خطري جو مقابلو پوئتي رهجي ويو آهي.  اخبارون ۽ ٽي وي چينل انهن جي پروپئگنڊا ۾ ڦاٿل آهن، جن مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. شمشاد احمد وڌيڪ لکي ٿو ته ”آزاد رياست جي حيثيت ۾ اسان جون سوچون ٻاهرين خطرن، ملڪ جي تحفظ ۽ بقا سان سلهاڙيل آهن. انهن مان نجات جو ذريعو ڳولڻو پوندو جيئن انهن خوفن ۽ خطرن جو انت ٿئي.“ آخر ۾ شمشاد احمد جو چوڻ آهي ته ”دور جديد “ غير معمولي وقت آهي انجي تقاضا تي لهڻ لاءِ غير معمولي صلاحيت جي ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.