زنده ٻارڙي مرده قرار!

ڀان سيدآباد ( ن ع آ ) سنڌ جي وڏي وزير جي چونڊ تڪ ڀان سيدآباد ۾ سرڪاري اسپتال جي  انتظاميا 8 مهينن جي زندهه ٻارڙيءَ کي مرده ڄاڻائي ڇڏيو، جمالي ڪالوني جي رهواسي ٻارڙي جي چاچي سانوڻ جمالي ٻڌايو ته ننڍڙي ثانيه ڌيءَ بجار جمالي جي طبيعت صحيح نه هئي، اسين سرڪاري اسپتال ڀان آياسين ته اتي موجود ڊيوٽي ڊاڪٽر ٻڌايو ته ٻارڙي فوت ٿي وئي آهي، جنهن کانپوء ٻارڙي کي گهر آندوسين ته هن چرڻ پرڻ شروع ڪيو، بعد ۾ اسان ٻارڙي کي سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو.هن وقت ٻارڙي سيوهڻ ۾ سيد عبداللہ شاھ انسٽيٽوٽ اسپتال ۾ داخل آهي ۽ صحت سڌرندڙ اٿس، هن چيو ته سنگين غفلت ڪندڙ ڊاڪٽر خلاف قدم کنيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.