ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون جي اگهه ۾ مسلسل گهٽتائيءَ کانپوءِ اڄ معمولي واڌ ٿي آهي.
سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت 100 رپيا وڌڻ کانپوءِ هڪ لک 13 هزار 3 سئو رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 85 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 97 هزار 136 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 10 ڊالر واڌ سان 1860 ڊالر في اونس آهي.