دائو جهانپور ويجهو هلندڙ تڪرار، ڌريون ٺاهه لاءِ راضي

دائوجهانپور (ن ع آ)دائوجهانپور ۾ اوڍا، جکراڻي ۽ ڪٽوهر برادري جي چار ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ ميڙ منٿ جا 2 الڳ الڳ  قافلا ڌرين وٽ پهتا ڌريون ٺاهه لاءِ راضي ٿي ويا، اوڍا برادري وٽ علائقي جا معزز مير بازخان بروھي جي اڳواڻي ۾ سيد مھتاب شاھه، سيداظھر شاھه، تاروخان دشتي ۽ مير ڌڻي بخش ٿھيم سميت سوين معززين قرآن پاڪ ساڻ ڪري قافلي جي صورت ۾ ڳوٺ شير خان اوڍو پھتا جتي معززين اوڍا برادري جي چڱن  مڙسن لعل بخش خان اوڍو سليمان خان اوڍو ۽ عبدالستارخان اوڍو کي جکراڻي برادري سان ٺاهه لاءِ منٿ ڪئي جن پاڪ ڪتاب ۽ آيل معززين ۽ سعادات کي  مان بخشيندي ٺاھه لاءِ راضپو ڏيکاريو، جنھن تي آيل معززين اوڍا برادي جا ٿورا مڃيا ۽ شڪراني جي دعا پڻ گھري وئي. ٻئي طرف ڪٽوهر برادري جي چار ڌرين عبدالحڪيم ڪٽوهر، نثار ڪٽوهر، عزيز الله ڪٽوهر، ۽ حاجي عارب خان ڪٽوهر وٽ مير مختيار علي بليدي جي اڳواڻي ۾ سيد نور علي شاهه جيلاني جميل خان ڪٽوهر، علي حسن ڪٽوهر غوث بخش ڪٽوهر مير لياقت ڪٽوهر ۽ ٻين معززين ۽ پاڪ ڪتاب کڻي پهتا جتي ڌرين پاران پاڪ ڪتاب ۽ معززين کي مان ڏيندي ٺاهه لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي. ان موقعي تي مير مختيار خان بليدي، مير بازخان بروھي ۽ ٻين اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي سنڌ ڌرتي امن محبت ڪندڙ شاعرن مشائخن اديبن ۽ اولياءَ ڪرام جي ڌرتي آھي جنھن کي جنت تصور ڪندا آھيون ان پنھنجي ڌرتي ماءُ کي قبائلي جھيڙن جي سبب دوزخ ٿيڻ ھرگز نه ڏينداسون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.