پيرو لاشاري ۾ رولو ڪتن 3 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو

پيرولاشاري (ن ع آ  ) پيرولاشاري شھر جي آس پاس وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو ڪتن جا ڪٽڪ ٽولن جي صورت ۾  گهمڻ لڳا ڳوٺاڻان ۽ شهري غير محفوظ ھڪ ڏينھن پھرين يوسي پيرولاشاري ۾ 1 حنيفان زال محمدامين، ھارت پٽ ڪستوروڪولھي ڳوٺ والوڪولھي، 3 سائينداد پٽ ايوب چانڊيو  ڳوٺ عمرچانڊيو سميت ڪيترن ماڻھن کي ڪتن ڏاڙھي وڌو ۽ 2ھفتا پھرين يوسي رپ ۾ ڳوٺ ميان ملوڪ جوڻيجو ۾ 4 ماڻھن کي رولوڪتن ڏاڙھيو ھو. پريوسيز ۽ ميونسپل ڪاميٽي انتظاميه اگهور ننڊ ۾ ستل ۽ بجيٽ ھڙپ ، شهرين پاران ڪتار مار مهم هلائڻ جو مطالبو  شهر جي سياسي سماجي سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو ته ميونسپل ڪميٽي جي عملي ڪتا مار مهم نه هلائي سگهيو آهي. شهري ۽ ڳوٺاڻان غير محفوظ بڻيل آھن، هنن چيو ته پيرولاشاري شھر سميت ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ گذريل ٻن مهينن ۾ 15 ماڻهن کي رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو آھي ڪتن جي ڏاڙھيل ماڻهن جا ڪيس داخل نٿا ڪيا وڃن، لاپرواهي ڪندڙ ميونسپل آفيسر، عملي ۽ يونين ڪائونسلن جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل ڪري ۽ انهن خلاف قانون ڪاروائي ڪئي وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.