مانجهند لڳ خطرناڪ حادثو، نيوي آفيسر فوت، 5 زخمي

مانجهند (رپورٽ: بابو عمراڻي) مانجهند ڀرسان روڊ حادثي ۾ نيوي آفيسر فوت، 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. مانجهند ٿاڻي جي حد الامين هوٽل وٽ انڊس هاءِ وي تي دادو کان ڪراچي ويندڙ ڪار مٿان ٽرڪ چڙھي وڃڻ بعد پويان وڌيڪ 2 ٽرڪون به ٽڪرائجي ويون. جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار دادو واسي 40 ورهين جو نيوي جو سيڪنڊ ليفٽيننٽ اشفاق احمد پنهور سندس  38 ورهين جي گهر واري وجيها،  6 ورهين جي ڌيءُ عليزه ۽  ٽرڪ ۾ سوار ٻه ڄڻا  به زخمي ٿي پيا. ڪار سوار خاندان کي ايمبولينس ذريعي تعلقي اسپتال مانجهند آندو ويو جتي اشفاق احمد جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو . جيڪو رستي ۾ اڪرو ٽول پلازه وٽ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٽرڪ جي زخمين کي سندن ساٿين اڻڄاتل هنڌ روانو ڪيو . مانجهند پوليس گاڏين کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو . ٽرڪون ڪلٽي ٿيڻ سبب ھڪ ڪلاڪ تائين انڊس هاءِ وي بند ٿي ويو . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.