ٽرمپ جي جنوني بيس ھٿان ڀوائتي اُٿل پُٿل جو شڪار ٿيل امريڪي نظام

تحرير: نصرت جاويد

سمجھه ۾ نٿو اچي ته آئون  ان کي “سانحو” سڏيان يا “لطيفو”. پر سچ اهو آهي ته هندو انتهاپسندي جي جنوني پرچارڪ نريندرمودي ۽ “خلافت عثمانيه” جي عظمت بحال ڪرڻ لاءِ بي چين ترڪي جي “سلطان اردوان” تقريباً هڪ جهڙا لفظ استعمال ڪندي 6 جنوري تي واشنگٽن ۾ ٿيل واقعن جي باري ۾ “ڳڻتي” جو اظهار ڪيو آهي. اتي جيڪي مظاهرا ٿيا اهي انهن ٻنهي کي “جمهوري روايتن” لاءِ خطرو نظر آيا. ٻنهي آمريڪي عوام کي “آئين ۽ قانون” جي احترام جي صلاح ڏني.

اهڙا بيان ٻي مهاڀاري جنگ کان وٺي دنيا جي سپر طاقت سمجهي ويندڙ آمريڪا جو حق سمجھيا ويندا هئا. دنيا جي ڪنهن به  خطي ۾ ويٺل پاليسي سازن کي “جمهوريت خطري ۾” نظر اچي ها ته آمريڪي پرڏيهي وزارت پاران تحمل، برداشت ۽ آئين ۽ قانون جي احترام وغيره جون صلاحون ڏنيون وڃن ها.

6 جنوري 2021 جي ڏينهن واشنگٽن ۾ جيڪي مظاهرا شروع ٿي پيا انهن ڪيترن ئي مهربان پڙهندڙن کي منهنجا لکيل اهي ڪالم ياد ڏياري ڇڏيا جن ذريعي يوٽيوب تي ڇانيل ڪجھه نجومين جي ستاره شناسي جو ذڪر ٿيو هو. نئين سال جي شروعات ٿيندي ئي هنن فرياد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ته مريخ نالي “جنگ پرست” سيارو برجِ ثور ۾ داخل ٿي برجِ دلو ۾ 800 سالن کان پوءِ گڏ ٿيل زحل ۽ مشتري کي “برطي نظر” سان ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيندو. 6 جنوري کان 20 جنوري دوران خبرن جوحاڪم عطارد به “وحشي” ٿي ويندو. 13 جنوري تي چنڊ کي به ڪنهن “بري گھر” وڃڻو آهي. انهن سمورين چالن جي حوالي سان خبردار ڪيو پئي ويو ته 6 جنوري کان جاري ٿيل “ڏڦيڙ” 20 جنوري 2021ع تائين نهايت شدت اختيار ڪري وٺندو. ان تاريخ کان ڪجهه ڏينهن اڳ يا هڪدم پوءِ نائن اليون جهڙو ڪو واقعو به پيش اچي سگھي ٿو، جيڪو سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏيندو.

ڪيترائي ڀيرا اعتراف ڪري چڪو آهيان ته ذاتي طور تي ستارن جي چال بابت منهنجو رويو اقبال جهڙو آهي جيڪو “گردشِ افلاڪ مين گم” ستارن ۽ سيارن کي خاطر ۾ نه آڻيندو هو. نجومين جي ڳالهه ٻولهه ٻڌي البته حيران ٿيس، ڇو جو انهن مان گھٽ ۾ گھٽ هڪ-Steve Judd- وڏي اعتماد سان 2018 ۾ اعلان ڪيو هو ته 2020 جو سال دنيا ۾ عجيب قسم جي تباهي آڻيندو جنهن جي نتيجي ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان روزانو لاءِ سمجھيو ويندڙ انساني رويا ۽ معاشرت جا طريقا حيران ڪندڙ حد تائين ختم ٿي ويندا.

پر ايمانداري جي ڳالهه اها به آهي ته آمريڪي سياست جي ادنيٰ شاگرد جي حيثيت ۾ ستارن جي چال کان غافل ٿيندي به 6 جنوري 2021 واري ڏينهن واشنگٽن ۾ هنگامن جو منتظر هو. آمريڪا جو تحريري آئين چونڊن ۽ انهن جي نتيجي جي حوالي سان جيڪي تاريخون ۽ طريقيڪار طئي ڪري چڪو آهي گذريل 220 سالن کان انهن کان هٽڻ شايد ئي ڏسڻ لاءِ مليو هجي. 2016 جي صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڊونلڊ ٽرمپ جهڙو شخص ظاهر ٿي پيو. آمريڪي گورن جي وڏي انگ نهايت سنجيدگي سان اهو محسوس ڪيو ته ڪاروباري حوالن سان تمام “ڪامياب” نظر ايندڙ اهو شخص روايتي سياستدانن جيان “منافق” نه آهي. واشنگٽن گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان روايتي سياستدانن جي چنبي ۾ اچي “کڏ” ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. سياسي نظام جو آئوٽ سائيڊر هوندي پرخلوص پر کري ڳالهه ڪرڻ بنا پر “بدتميز” ٻڌڻ ۾ ايندڙ ٽرمپ اقتدار جي چڱن مڙسن کان آمريڪا کي نجات ڏياريندو. “سياسي گند” ۽ “مافياز” خلاف جنگ وڙهندي ٽرمپ ڪيترن ئي حوالن سان اسان جي عمران خان جهڙو لڳو.

2020ع جو صدارتي چونڊ هو کٽي نه سگھيو، پر  تلخ حقيقت اها به رهي ته 2016 جي ڀيٽ ۾ ان کي اقتدار ۾ چار سال گذارڻ کانپوءِ ڪافي وڏي انگ ۾ پاپولر ووٽ مليا آهن. پاپولر ووٽ جي حيران ڪندڙ انگ ان کي چونڊن ۾ “ڌانڌلي”جو فرياد ڪرڻ تي مجبور ڪيو. “ڌانڌلي” جو ذڪر 2000ع ۾ به ٿيو هو، پر ڪجھه ڏينهن گذري وڃڻ کانپوءِ جارج بش جي ڪاميابي کي باقاعدي تسيلم ڪيو ويو. ان وائٽ هائوس ۾ اٺ سال گذاريا.

پر ٽرمپ درگذر لاءِ هرگز تيار نه ٿيو. جو بائيڊن کي ڪجھه ڏينهن جي روڄ راڙي کانپوءِ کيس مبارڪون ڏيڻ جو فون ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي. پنهنجي ساٿين کي سختي سان حڪم فرمايو ته بائيڊن جي نامزد ڪيل ٽرانزيشن ٽيم کي رياستي حقيقتن ۽ معاملن بابت روايتي بريفنگ نه ڏني وڃي. آمريڪي تاريخ جي تناظر ۾ ڄاڻايل رويو پريشان ڪندڙ “اڻ ٿيڻي” هئي.

نومبر ۾ صدارتي چونڊون ٿي وڃن ته ان کانپوءِ ايندڙ نئين سال جي 6 جنوري تي آمريڪي ڪانگريس يعني پارليامينٽ رسمي انداز ۾ اليڪٽورل ووٽ جي “تصدق” ڪري ڇڏيندي آهي. ان کانپوءِ شڪست کاڌل صدر نئين چونڊيل صدر جي 20 جنوري واري ڏينهن حلف کڻڻ جي تقريب جي تياري شروع ڪري ڏيندو آهي. 6 جنوري اچڻ کان ڪيترائي ڏينهن اڳ ٽرمپ پنهنجي حمايتين سان ڊگھين ملاقاتن ۾ مصروف رهيو. ان جو سڄو ڌيان ڪجھه رياستن ۾ قائم ري پبلڪن حڪومتن کي قائل ڪرڻ تي ڄميل رهيو ته اهي پاڻ وٽ جو بائيڊن جي حمايت ۾ وڌل ووٽن کي “جعلي” قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏين. ان ڏس ۾ جارجيا رياست جي هڪ اعليٰ آفيسر سان هڪ ٽيليفون تي ٿيل ڳالهه ٻول به منظرِ عام تي اچي چڪي آهي. رياستن کي پنهنجي حمايت لاءِ راضي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃڻ کانپوءِ ٽرمپ پنهنجي بيس يعني ڪٽر حامين کي زهر ڀريل ٽوئيٽس لکي ڀڙڪائڻ شروع ڪري ڇڏيو. جيڪا باهه ان ڀڙڪائي ان جي ڪري آمريڪي ڪانگريس ۾ ويٺل ڪيترا ئي ري پبلڪن ميمبر گھٻرائي ويا. انهن مان ڪي چند ئي ٽرمپ کي “ٿڌو” ڪرڻ جي جرئت ڏيکاري سگھيا.

ڪو پسند ڪري يا نه پر ٽرمپ 2016 کان آمريڪي گورن جي اڪثريت جي دلين ۾ صدين کان موجود نسلي، مذهبي ۽ گروهي تعصبن کي ڀڙڪائيندي پنهنجي حامين جي هڪ جنوني بيس تيار ڪري ورتي آهي. 6 جنوري جي ڏينهن اهي واشنگٽن ۾ گڏ ٿي ويا. ڪانگريس جي محاصري کانپوءِ ان جي ايوانن ۾ گھڙي آيا. پوليس کين روڪڻ ۾ ٺپ ناڪام رهي. آمريڪي راڄڌاني هاڻي “نيشنل گارڊز” جي حوالي ڪئي وئي آهي. ڪرفيو لاڳو ڪري حالتن کي معمول تي آڻڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن.

هي ڪالم لکڻ تائين ٽرمپ ان ڳالهه تي هرگز راضي نظر نه پئي آيو ته قوم کي “هنگامي” خطاب ڪندي امن امان جي بحالي جو مطالبو ڪري. آئيني ۽ قانوني لحاظ کان هو 20 جنوري 2021ع تائين آمريڪي هٿياربند فوجن جو “سپريم ڪمانڊر” به آهي. سادن لفظن ۾ ائين چئجي ته اهڙين حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي بهاني آمريڪا ۾ مارشل لا لڳائڻ جو اختيار کيس حاصل آهي. آمريڪي فوجن ۾ “سپريم ڪمانڊر” جي نافرماني جو تصور ئي موجود ناهي. ٽرمپ جي “آئيني” اختيار کي ذهن ۾ رکندي انهن خدشن جو  اظهار به ٿي رهيو آهي ته 20 جنوري کان اڳ هو ايران جهڙي ڪنهن “آمريڪا دشمن” ملڪ خلاف فوجي ڪارروائي جو حڪم به ڏئي سگھي ٿو. هڪ تحريري آئين تحت هلندڙ دنيا جي “واحد سپر طاقت” سمجھيو ويندڙ آمريڪا ۾ ظاهر ٿيل بحران سڄي دنيا لاءِ نهايت پريشاني جو سبب آهي.

آئون جيتوڻيڪ پُر اعتماد آهيان ته سمورين ڪاوشن جي باوجود ٽرمپ جي تعصبي ۽ جنوني بيس آمريڪي عوام جي اڪثريت پاران وڌل ووٽ جي احترام  لاءِ آخرڪار مجبور ٿي ويندي. حقيقتون تسليم ڪرڻ تائين البته آمريڪي نظام ۽ روايتن ۾ جيڪا ڀوائتي اٿل پٿل ۽ ڏڦيڙ واضح ٿيندو ان جي ازالي لاءِ ڪيترائي مهينا گھربل هوندا. سڄي دنيا جو “مانيٽر” بڻيل آمريڪا ۾ بحران فقط ان ملڪ جي تباهي تائين محدود نه رهندو، ان جا ناڪاري يا هاڪاري اثر پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ به ظاهر ٿيڻ ڀِت تي لکيل نظر اچي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.