پرڏيهي ڪمپنين جي ويڪسين پنهنجي شهرين تي آزمائڻ نه ڏينداسين: ايراني صدر

 

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر حسن روحاني اعلان ڪيو آهي ته پرڏيهي ڪمپنين جي ڪورونا کان بچاءَ جي ويڪسين ايراني شهرين تي آزمائش جي اجازت نه ڏينداسين.

اڄ ڇنڇر ڏينهن پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران هن دعويٰ ڪئي ته ڪجهه ڪمپنين اهڙي آڇ پڻ ڪئي هئي، جن کي رد ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته رڳو محفوظ سمجهي ويندڙ ويڪسين ئي خريد ڪنداسين.

واضح رهي ته هڪ ڏينهن اڳ سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي آمريڪا ۽ برطانيا جي تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين جي درآمد تي پابندي لاڳو ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.