سجاول ضلعي جي 13 اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ برقرار

ٺٽو(رپورٽ : شبير ڀٽي) سول اسپتال ٺٽو سميت ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي 13 اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ ۽ بدانتظامي واري صورتحال وارو مامرو. وڏي وزير جي حڪم تي مرف اين جي او جي صحت بابت بدانتظامي ۽ اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ بابت جاچ ٽيم قائم.جاچ ٽيم صحت کاتي حيدرآباد ڊويزن جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عبدالحميد سومرو جي اڳواڻي ۾ اڄ ٺٽي پهچي جاچ شروع ڪندي. ڊائريڪٽر حيدرآباد جي اڳواڻي ۾ صحت کاتي حيدرآباد جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نظير احمد رِند ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رخسانه چنڙ جاچ ٽيم جي ڪميٽي ۾ شامل ھوندا. . جاچ ٽيم ٻنهي ضلعن جي اسپتالن جو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت اسپتالن جو انتظام سنڀاليندڙ مرف اين جي او جي مئنيجر ۽ لاڳاپيل عملدارن کي اڄ ڏهين وڳي سول اسپتال ٺٽو جي سول سرجن آفيس طلب ڪري ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.