نوابشاهه ڀرسان کڏھر ٿاڻي جي حد وٽ لياقت پور کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ حادثي جو شڪار ٿيڻ سبب 3 مسافر فوت جڏهن ته 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، ڪوچ پنجاب جي علائقي لياقت پور کان ڪراچي وڃي رھي ھئي ته ڪوهِيڙي سبب ڪوچ ڊرائيور جي ڪنٽرول ۾ نڪري وئي جنهن سبب حادثو پيش آيو ، حادثي ۾ فوت ۽ زخمي ٿيلن کي فوري طور تي ڀرپاسي جي اسپتال پهچايو ويو جتي فوتين جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، جڏهن ته زخمين کي فوري طور امداد ڏني وئي.