ميهڙ: عوامي تحريڪ پاران ستين ڏينهن به شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ريلي

عوامي تحريڪ تعلقي ميهڙ پاران ستين ڏينهن به شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف راڌڻ اسٽاپ کان گهنٽاگهر چوڪ ۽ ميهڙ پريس ڪلب تائين عوامي تائين ريلي ڪڍي وئي،  ريلي جي اڳواڻي،ايڊوڪيٽ امتياز جتوئي، مشتاق چانڊيو، نجيب مهيسر، ۽ ٻين ڪئي ، ريلي ۾ شريڪ ماڻهن پاران امن ڏيو يا استعيفا ڏيو، ڦرون ڌاڙا نامنظور، ٿاڻن تي پاٿاريون نامنظور، شهري ڦرائڻ بند ڪريو، شهري آزارڻ بند ڪريو جا نعرا هنيا ويا،ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ  هو ته ميهڙ شهر جي شهرين کان ڌاڙن ڦرن ۾ کسيل سامان، پئسا ۽ چوري ٿيل موٽر سائيڪلون ڦورن کان  واپس ڪرائي ميهڙ شهر واسين سان انصاف ڪيو وڃي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.