تلهار ۾ آبپاشي عملي پوليس ساڻ ڪري 5 گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، احتجاج

تلھار ( رپورٽ : عاجز انور لاشاري ) تلھار ويجھو ڳوٺ پھاڙ لغاري ۾ قديم ڀڏي تي رھائش ڪولھي برادري خلاف ايريگيشن عملي پاران پوليس ساڻ ڪري پنج گھر ڊاھي ڇڏيا ان سلسلي ۾ ڪرشن ڪولھي،نارائيڻ  ڪولھي،جئي رام،ڪيول ۽ ڌرمو ڪولھي عوامي پريس ڪلب تلھار جي صحافين آڏو ڌانھيندي الزام ھڻندي چيو ته اسان جي ڀر ۾ بااثر زميندار،اقبال ميمڻ،عبدالڪريم ۽ وڪيو ميمڻ وارن جي زرعي زمين آھي، جن ڪيترائي ڀيرا اسان کي لڏائڻ لاءِ  ڌمڪيون پڻ ڏنيون گذريل ڏينھن ٽريڪٽر اماڻي اسان جا گھر کيڙائڻ جي ڪوشش پن ڪئي، جنھن تي لغاري برادري جي معزز ماڻھن بچائي ورتو بااثر ايريگيشن آفيس ۾ ڪوڙيون درخواستون ڏئي ڏيتي ليتي عيوض غلط بياني ڪري اسان جي گھرن مٿان بلاجواز چڙھائي ڪرائي بي گھر ڪرايو آھي، جڏھن ته ڦليلي ڪئنال اسان جي گھرن کان به ٻه ھزار ڦٽ پري آھي، ھوڏانھن ڪولھي برادري جي حمايت ۾ ڳوٺ پھاڙ لغاري جي معزز ڳوٺاڻن شھزاد علي،آفتاب ۽ علي لغاري جو چوڻ ھو ته بااثر زميندار جي اک ڀڏي تي ھئي جتي ھي ڪولھي برادري جا گھر اڏاوت ٿيل ھئا ان خلاف درخواست ڪري پوليس ۽ ايريگيشن عملي جي مدد سان ھنن مسڪينن جا گھر ڊاھي پٽ ڪرايا ويا آھن، چيف جسٽس آف پاڪستان نوٽيس وٺي انصاف ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.