ڀان ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن جو احتجاج

ڀان سيدآباد ( ن ع آ ) ڀان سيدآباد ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران وقار ملاح، غلام مصطفيٰ سومرو، صديق ڀٽو، امداد جتوئي،  اصغر کوسو، پرويز سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب ڀان اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي هنن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته 2013ع ۾ اسان ٽيسٽ پاس ڪئي پر اڃا تائين آفر آرڊر ناهن مليا،سنڌ سرڪار پاران مقرر ڪيل 60 سيڪڙو مارڪن کان به وڌيڪ 80 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪيون پر سنڌ سرڪار آفر آرڊر نه ٿي ڏئي جيڪا اسان  غريبن سان وڏي ناانصافي آهي، هنن چيو ته تعليم کاتي ۾ نئين ڀرتين جو اعلان ڪيو ويو آهي پر افسوس ته اڳ ۾ ٽيسٽ پاس ڪيل اميدوارن کي آرڊر ناهن ڏنا ويا،وڏي وزير جي تڪ جا هجڻ باوجود اسان کي رلايو پيو وڃي،اسان پنهنجي حق خاطر احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهيون، مسلسل احتجاج ڪرڻ باوجود به ڪو کڙ تيل ناهي نڪتو، هنن آخر ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه کي اپيل ڪئي ته اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس سيوهڻ تعلقي جي اميدوارن کي فوري طور تي آفر آرڊر جاري ڪري  انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

چوهڙ جمالي ۾  شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93 هين سالگرهه تقريب

چوهڙ جمالي( ن ع آ ) پ پ شھيد ڀٽو تعلقي شاهبندر پاران شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93 هين سالگره تقريب ڪيڪ ڪاٽيو ويو پ پ شهيد ڀثو تعلقي شاهبندر پاران چوهڙ جمالي پريس ڪلب ۾ سالگره تقريب ڪوٺائي ويئي جنهن ۾ پ پ شھيد ڀٽو تعلقي صدر سيد گل حسن شاھ , چوهڙ جمالي پريس ڪلب جو صدر مصطفي ميمڻ موسي بروهي ناشاد ملاح قربان رند غلام مصطفي گل عمراڻي جمن کٽي نانا عمراڻي ابراهيم شيدي عمران ڪونجائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي سالگره تقريب ۾  ايشيا جي عظيم قائد شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي غريب ۽ اٻوجھ ماڻھن کي شعور ڏنو ۽ کين پنهنجا حق وٺڻ جي سگھ ڏني هن پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي ڇڏيو پر عوام جي حقن جي سوديبازي نه ڪئي قائد عوام جي دللين ۾ پنهنجو اهڙو گهر ٺاهيو جنهن کي ڪوبه جابر ميساري نٿو سگهي.

اسلام ڪوٽ ۾ واپارين جي ڪشميرين جي حمايت ۾ ريلي

مٺي(بيوروچيف)اسلام ڪوٽ ۾ ڪشميري ڀائرن جي حمايت ۽ ڀارت جي خلاف واپارين ۽ مهراج برادري پاران ريلي،انهي  سلسلي ۾ واپاري اڳواڻ ڪلديپ پارواڻي ۽ لال شرما،نيليش شرما،قيمتراء لوهاڻو جي اڳواڻي ۾ واپارين ۽ مهراج برادري جي ماڻهن ڪشميري ڀائرن ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۽ ڀارت جي خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج بعد ريلي ڪڍي ويئي،اۡنهي موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڀارت مسلسل ڪشميري ڀائرن تي ظلم جي انتها ڪري رهيو آهي،سري عام معصوم ٻارن کي شهيد ڪري انساني حقن جي لتاڙ ڪري رهيو آهي،پر اقوام متحده خاموش تماشائي بڻيل آهي،ڀارت جو مودي هن وقت پوري دنيا جو وڏي ۾ وڏو دهشتگرد بڻجي سامهون اچي رهيو آهي.  اسان کين ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته ڪشميري ڀائر اڪيلا نه آهن پاڪستان جو 22 ڪروڙ عوام پاڪ فوج سان گڏجي ڀارت جو مقابلو ڪندو اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڪشمير پاڪستان جو حصو بڻبو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.