خانپور مهر ويجهو باهه لڳڻ سبب 5 گهر سڙي رک

خانپور مهر(رپورٽ:ميهر مهر) خانپورمهر ويجهو مارواڙي برادري جي جهڳين کي باھ لڳي وئي، جنهن سبب 5 جهڳيون سڙي رک ٿي ٿي ويون.  ڳوٺ شيرو ملاڻو ۾ مارواڙي برادري جي جهڳين کي اچانڪ باھ لڳي وئي،باھ لڳڻ ڪري ڀڄن، ڪشور، رميش، پٺاڻ جي مارواڙي جي جهڳين ۾ پيل کٽون، هنڌ، کائڻ پيئڻ جو سمورو سامان سڙي ويو، اطلاع ملڻ تي فائر برگيڊ عملي پهچي باھ وسائي. هوڏانهن باهه متاثرن ڀڄن مارواڙي ۽ ٻين ٻڌايو ته باھ لڳڻ وقت گهر ۾ موجود نه هئا سين رڳو عورتون ۽ ٻار موجود هئا جيڪي پنهنجون جانيون بچائي نڪري سگهيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.