شهدادپور لڳ خليفي جي گهر تي چڙهائي خلاف احتجاج

شهدادپور (ن ع  آ) شهدادپور ويجھو ڳوٺ ڌڻي بخش پنھور ۾ حر جماعت جي اڳوڻن فقير علي محمد پنھور.فقير علي حسن پنھور.فقير اقبال پنھور.فقير وقار حسن پنھور فقير مختيار حسن پنھور ۽ ٻين پاران خليفي عبدالسلام ڏاھري جي رھائش مسرجي واھ تي پوليس چڙهائي خلاف زبردست احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس زيادتين خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي پنھنجي رياستي گنڊا گردي ڪندي حر جماعت ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي ڪارڪنن کي رياست ھٿان انتھائي گھٽيا عمل واري پاليسي تي عمل پيرا آهي جنھن جي اسان سخت الفاظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ھنن مطالبو ڪيو ته خليفو عبدالسلام ڏاھري جي رھائش تي چڙھائي ڪندڙن خلاف ايڪشن کنيو وڃي اھڙي رياستي داداگيري بند ڪئي وڃي.ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.